ڦلھڏيون شھر

ڦلھڏيون (شھر): اصل ڦلھڏيون موجودہ شھر کان اڍائي ڪلوميٽر اوڀر طرف، ديھه ڦلھڏي ۾ ’ڦل‘ نالي واڻئي 1843ع ۾ آباد ڪيو. شھر کي هاڪڙي جي روڻين کان بچاءُ لاءِ انگريزن هڪ بند بہ ٻڌايو هو، ان جي باوجود 1890ع واري ٻوڏ ۾ بند ٽُٽي پيو ۽ سڄو شھر پاڻيءَ جي لپيٽ ۾ اچي ويو. ان کان پوءِ شھر جا ماڻهو لڏي اچي موجودہ جاءِ تي ويٺا، اهڙيءَ طرح هي نئون شھر ڦلھڏيون 1893ع ۾ دوس واھہ جي ساڄي ڪپ تي، ديھه ڪڪيجيءَ ۾ آباد ٿيو. ڦلھڏيون شھر کپري کان 28 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف آهي، جيڪو 2007ع تائين تعلقي کپري ۽ ضلعي سانگهڙ ۾ شامل رهيو. ڦلھڏيون کي تعلقي سنڌڙي، ضلعي ميرپورخاص ۾ شامل ڪيو ويو. جنھن کي هاڻي يونين ڪائونسل جو درجو حاصل آهي. هن وقت شھر جي آبادي لڳ ڀڳ 12 هزار آهي.


لفظ ڦلھڏيون شھرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو