چمن

چمن

چمن2

چمن2 (شهر): چمن شهر بلوچستان جي ضلعي قلعه عبدالله جو هيڊڪوارٽر آهي، جيڪو افغان بارڊر وٽ ڏکڻ ۾ واقع آهي ۽ بارڊر جي هن پار بولدڪ شهر لڳو لڳ اٿس، جيڪو قنڌار صوبي جو ننڍڙو شهر آهي. چمن شهر جي آبادي هڪ لک کان وڌيڪ ٿيندي، هتي هندو به وڏي انگ ۾ آباد آهن. چمن ۾ ريلوي اسٽيشن به آهي، جتي ڪوئيٽا کان ايندڙ مسافر اچن وڃن ٿا. 2008ع ۾ هن ريلوي ٽريڪ کي افغانستان تائين وڌائڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو، هيءُ شهر افغانستان کان ڪراچيءَ تائين واپار جي مَد ۾ دروازي جي حيثيت رکي ٿو. اڄڪلهه هيءُ شهر اتحادي فوجن (NATO) جي سامان جي رسد جو ذريمو به آهي. ڪوئيٽا کان 120 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. هي شهر باغن جي حوالي سان به مشهور آهي. خاص ڪري هتان جا انگور، ڪشمش، بادام، انجير ۽ صوف سڄي پاڪستان جي شهرن ۾ موڪليا ويندا آهن، چمن انگورن جو شهر به سڏيو وڃي ٿو. اهي انگور ريلن ۽ ويگنن ذريعي برف ۾ ڍڪي ممبئي، مدراس ۽ ڪلڪتي به اماڻيا ويندا هئا. اهي چمن جا ’موتيا‘ سڏبا هئا. چمن ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا الڳ الڳ اسڪول ۽ ڊگري ڪاليج قائم آهي. هي شهر افغانستان، ايران ۽ وچ ايشيا جي ملڪن سان تجارت جو ذريعو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو