ڍورو پراڻ

ڍورو پراڻ

ڍورو پراڻ

ڍورو پراڻ: سنڌو درياھہ جو قديم وهڪرو، نوابشاھہ (موجودہ بينظيرآباد)، موري ۽ سڪرنڊ تعلقن جي وچ مان نڪري، شھدادپور وٽان وهندو هو ۽ ميرپورخاص شھر جي اوڀر کان ٿيندو جهلوريءَ جي اڀرندي طرف کان، ڪوٽ غلام محمد شھر جو الھندو پاسو ڏئي، ڊگهڙيءَ جي اوڀر کان اٽڪل ٽن ميلن کان ٿيندو، ٽنڊي جان محمد شھر جي اوڀرندي ۽ جهُڏي شھر جي الهندي پاسي کان وهندو، ميرپورخاص ۽ بدين ضلعن جي دنگ وٽان وهي، رحمڪي بازار کان اٺ ڏھہ ميل اڳتي لکپت بندر وٽ ڪوري کاريءَ ۾ عربي سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو.
پراڻ ڍورو جي معنيٰ پراڻ درياھہ آهي، جنهن ۾ گهٽ پاڻي موجود هوندو هو. جيمس ٽاڊ ’تاريخ راجسٿان‘ ۾ لکيو آهي تہ سنڌو نديءَ جي هڪ شاخ هاڪڙي مان امرڪوٽ جي پاسي کان وهندي هئي، ٿي سگهي ٿو تہ اُها پُراڻ ڍورو هجي. هن وڌيڪ لکيو آهي تہ سنڌو نديءَ جي هڪ شاخ لکپت بندر ڀرسان عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، اها سمنڊ جي اوڀر پاسي وارين ڀٽن جي ڀرسان وهي ٿي، جنهن کي مِٺي ندي يا مهراڻو بہ چوندا آهن.
تاريخ ريگستان ۾ ڄاڻايل آهي تہ مهراڻو نديءَ جي وهڪري جي ڀر واري ڀاڱي کي مهراڻو چئجي ٿو، جنهن ۾ مٺيءَ جي اولھہ وارو ڀاڱو ۽ عمرڪوٽ تعلقي جي ڏکڻ اولھہ وارو ڀاڱو اچي وڃي ٿو، ان کي مهراڻو ان ڪري چئجي ٿو، جو ٿر جي ’منهن‘ يا ’موهڙ‘ وارو علائقو آهي. ڍورو پراڻ بہ اتان لنگهي ٿو، جنهن ۾ ڪڏهن پاڻي هوندو آهي تہ ڪڏهن سُڪو پيو هوندو آهي.
سنڌوءَ جي ان وهڪري کي پراڻ/ ڍورو پراڻ ان ڪري بہ چيو ويو آهي تہ سنڌو درياھہ پنهنجو وهڪرو بدلائي ٻيو وهڪرو اختيار ڪيو. اهڙيءَ طرح ڇڏيل وهڪرو پُراڻ/ ڍورو پراڻ ٿي ويو.
سنڌ ۾ پراڻ کان سواءِ قديم دور ۾ سنڌوءَ جا ٻيا بہ وهڪرا وهندا هئا، جن ۾ ساڱرو، گهگهہ، نيرو ڳٺو ۽ ريڻ شامل هئا، پر جڏهن پراڻ ويران ٿيو تہ ٻيا وهڪرا بہ بند ٿي ويا ۽ ان وهڪري سان لاڳاپيل شھر وڳھہ ڪوٽ، روپا ماڙي ۽ ساڱرو بہ تباھہ ٿي ويا.
تاريخ جي ڪتابن ۾ اچي ٿو تہ علاؤالدين خلجي جڏهن دهليءَ مان روانو ٿي سنڌ پهتو هو تہ کيس پراڻ تان ٽپڻو پيو هو ۽ هن پراڻ پار ڪري دودي سومري سان جنگ ڪئي هئي. هن پراڻ جو اڀرندو پاسي وٺي نئين ڪوٽ تي بہ حملو ڪيو هو.
جهاري جبل واري جنگ دوران ڪڇين جي باغي رويي سبب ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي، پراڻ درياھہ تي موري واري جڳھہ تي هڪ وڏو بند ڏياريو هو، جنهن سان ڪوري نار ڏانهن مٺي پاڻيءَ جي پھچ بند ٿيڻ وئي ۽ ڪڇ ۾ ساريالي فصل کي نقصان پهتو ۽ آبادي ويران ٿي وئي هئي. سن 1819ع ۾ آيل زلزلي سبب ڪڇ جو سنوريءَ وارو زميني ڀاڱو هيٺ ٿي ويو ۽ ان ۾ سمنڊ جو پاڻي ڪاهي آيو، جنهنڪري اُهو علائقو کاري پاڻيءَ جي ڍنڍ بڻجي ويو.
ڪن روايتن موجب شاھہ لطيف بہ ڍوري پراڻ وٽان لنگهيو هو، جنهن جو ذڪر رسالي ۾ ملي ٿو:
ڍٽ ڍري، پٽ پيئون، آيون ڪاهي ’ڪاماري‘،
وٺا پَٽ ’پُراڻ‘ جا، وٺيون ساماري،
ڪڪر ۾ ڪاري، وڄڙين پَسو ويس ڪيا.
-
سُڪي ’ڍور‘ ڍيون ٿيو، ڪنڌي ڏنو ڪائو،
پاڻي ’پٽيهل‘ ۾، اڳيون نہ آيو،
ماڙُهن ميڙائو، ڪهين ڪهين ڀيڻيين.


لفظ ڍورو پراڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو