ڇينهَرو

ڇينهَرو: آب ڪلاڻيءَ کان پوءِ سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر جي مهينن ۾ درياهه جو وهڪرو گهڻو گهٽجي ويندو آهي ۽ جوُن ۾ اُن جون ڇاڙهون ظاهر ٿي پونديون آهن. درياهه جو پاڻي ڍنڍن ڍورن ۾ ڇرن جي صورت ۾ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. پاڻيءَ جي اهڙيءَ صورتحال کي پاڻيءَ جو ڇينهرو چيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو