ڌُڪو

ڌُڪو: هيءُ سادو هٿيار آهي، جيڪو اصل ۾ ننڍو پر زبري لٺ هوندو آهي. قديم يونان جو مشھور پهلوان هرڪيولس پاڻ سان ڌُڪو کڻندو هو، جنهن کي گرز بہ چوندا هئا. اڄ بہ ٻھراڙيءَ جا ماڻهو اڪثر لٺيون ۽ ڌُڪا ڪم آڻيندا آهن. پئسفڪ وڏي سمنڊ جي ٻيٽن تي رهندڙ ماڻهو لهيريءَ جي ڳري ڪاٺيءَ جون لٺيون کڻندا هئا، جن تي اُڪر جو ڪم ٿيل هوندو هو. ڪي لٺيون ڌڪن هڻڻ لاءِ ۽ ڪي اڇلائي هڻڻ لاءِ هونديون آهن. ڏکڻ آفريڪا جا ماڻهو لوھہ جون لٺيون ڪم آڻيندا هئا. لٺ جي مٺيي ۾ ٽُنگ ڪري ان ۾ ڌاڳو وجهي چيلھہ سان ٻڌي ڇڏيندا هئا ۽ اڪثر پهرئين ڌڪ سان دشمن کي ماري وجهندا هئا. سنڌ ۾ بہ پَٽن واريون لٺيون اڄ بہ ٻھراڙيءَ ۾ ڪي ماڻهو هٿيار طور کڻندا آهن. ’لٺ ڌڪو‘ ۽ ’لٺ باٺو‘ اصطلاح سنڌي ۾ عام آهن.


لفظ ڌُڪوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو