
ڊرگهه ڍنڍ
ڊرگهہ ڍنڍ: سنڌ جي قديم ڍنڍن ۾ شمار ٿيندڙ هيءَ ڍنڍ ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي شھر قنبر کان 10 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڳوٺ کاهي مينهون ۽ ڊرگهہ ٿاڻي جي اولھہ ۾ واقع آهي. هيءَ ڍنڍ نہ صرف پاڪستان، پر سڄيءَ دنيا ۾ مشھور آهي. هن ڍنڍ تي ملڪ جي سربراهن سميت ڪيترا پرڏيهي بادشاھہ، وائسراءِ، صدر، وزيراعظم ۽ سفير شڪار ڪندا رهيا آهن. ڪنهن زماني ۾ هيءَ ڍنڍ سنڌو درياھہ جي ساڄي ٻانهن ليکي ويندي هئي. ٻوڏ جي موسم ۾ درياھہ جو پاڻي هن ڍنڍ ۾ داخل ٿيندو آهي. درياھہ هن ڍنڍ کان 50 ڪلوميٽر پري وهي ٿو. 1960ع ۾ هتي شڪارگاھہ ٺهيو. 1972ع ۾ هن کي ’سنڌ وائلڊ لائيف پروٽيڪشن‘ آرڊيننس جي سيڪشن 14 تحت ’وائلڊ لائيف سنيچري‘ ڪيو ويو. 23 جولاءِ 1976ع تي هن ڍنڍ کي ٻاهرين علائقن مان پکين جي آمد ڪري عالمي معاهدي ‘رامسر ڪنوينشن’ تحت ‘پکين جي محفوظ ماڳ’ جو درجو ڏنو ويو، پر پوءِ بہ شاهي شڪارگاھہ رهيو. هتي انڊس فلاءِ وي جي رستي سان سيپٽمبر جي آخر ۾ پکين جي آمد ٿيندي آهي ۽ بھار جي موسم ۾ پکي پنھنجي وطن ورندا آهن. پرڏيهي پکين ۾ چيڪلو، نيرڳي، ڊگوش، ميري جهالائي، آڙي، ٻهاڙ، ڌونري، ڳهڻو، لنگهو، ڪَرڙو، ٿورانڌو وغيرہ شامل آهن. 1973ع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي هتي خوبصورت ريسٽ هائوس ٺهرايو، جنهن جي اڱڻ لاءِ پئرس مان ڇٻر گهرائي پوکي وئي، جيڪا هينئر بي ڌيانيءَ سبب ختم ٿي وئي آهي. هن ريسٽ هائوس ۾ وزيٽرن لاءِ وزيٽر بڪ رکيل هو، جنهن ۾ ناليوارا ڏيهي ۽ پرڏيهي شڪاري ۽ سياح پنهنجا تاثراتي نوٽ لکندا هئا. ويجهڙ ۾ اهو بڪ بہ گم ٿي ويو آهي. هن بنگلي تي سرڪار طرفان چوڪيدار ۽ ملازم بہ رکيل آهن.
هن ڍنڍ ۾ لَين جا وڻ پَن، ڏير ۽ ٻيو سائو گاھہ بہ جام ملي ٿو، مڇيءَ سان گڏوگڏ لوڙھہ، ڪُم، ڪوڻيون، گُرگليون، پٻڻ ۽ بھہ بہ سٺا ٿيندا آهن. هتي رضا شاھہ پهلوي، حافظ الاسد، ڪرنل قذافي، ياسر عرفات، برطانيا جي راڻي ايلزبيٿ، ڊيوڪ آف ايڊنبرگ وغيرہ سميت ڏيهي سربراھہ بہ شڪار ڪري ويا آهن. هن ڍنڍ کي نور واھہ، ڪلر، ڪُور ۽ ڦتوهل جي شاخن مان پاڻي ملي ٿو. مقامي روايت آهي تہ هيءَ ڍنڍ انگريزن کان بہ آڳاٽي آهي. انگريزن جي دؤر ۾ هن ڍنڍ جي رکوالي شيخ نور محمد خان کي ملي. انگريز هتي پکين جو شڪار ڪرڻ ايندا هئا، پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ صدر ايوب خان بہ اڪثر ڪري هن ڍنڍ تي ايندو هو.
1970ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي هن ڍنڍ کي قومي ملڪيت ۾ ورتو. ڍنڍ جي ايراضي 164 هيڪٽر ۽ ڊيگهہ 3 ڪلوميٽر، ويڪر 2 ڪلوميٽر، پاڻيءَ جي گهرائي 10 ميٽر آهي. هن وقت هيءَ ڍنڍ سرڪار جي عدم توجھہ سبب ڏينهون ڏينهن پنھنجي اڳوڻي خوبصورتي وڃائيندي رهي ٿي. ڍنڍ جي وڏي حصي ۾ پاڻي گهٽجي ويو آهي. ڪافي حصو قبضو ٿي زرعي زمين ۾ اچي ويو آهي، جنهنڪري ٻاهران ايندڙ مهمان پکين جي خوراڪ ۽ قدرتي ماحول تباھہ ٿي ويو آهي. هن وقت هيءَ ڍنڍ شيخ نور محمد خان جي پونئيرن جي سنڀال ۾ آهي.
هن ڍنڍ ۾ پاڻي نہ هئڻ سبب آبي جيوت سميت ماحولياتي لحاظ کان علائقي تي بہ بُرا اثر پيا آهن. هيءَ ڍنڍ موجودہ وقت ۾ سرڪاري تحويل ۾ آهي ۽ ڍنڍ کي سرڪاري شڪار گاھہ جو درجو حاصل آهي.