ڇور

ڇور (شھر): ضلعي عمرڪوٽ جو هي شھر ڇور، شھر عمرڪوٽ کان 20 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي واقع آهي. هتي هن ’ڇور‘ شھر جي نالي سان ريلوي اسٽيشن بہ آهي، جتان هڪ طرف کوکراپار ۽ موڻاٻائو (ڀارت) ڏانهن ۽ ٻئي طرف ميرپورخاص ڏانهن ريلوي لائين وڇايل آهي. هن شھر تي ڇور نالو ان ڪري پيو، جو هتي ڍوري مان نڪرندڙ واھہ هن شھر ۾ اچي ’ڇوڙ‘ ڪندو هو ۽ پوءِ اهو لفظ آهستي ڇوڙ مان بدلجي ڇور ٿي ويو. پاڪستان جي قيام بعد هتي فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌ ۾ پني عاقل ڇانوڻيءَ کانپوءِ ٻيو نمبر وڏي ڇانوڻي آهي. فوجي ڇانوڻيءَ جي ڪري هيءُ شھر ڇور ڪينٽ سڏجي ٿو، پر رڪارڊ ۾ اڃا تائين پراڻو نالو ڇور برقرار آهي. هن شھر جي آسپاس وڏي آبادي رهي ٿي. هتي مختلف ذاتين وارن جا وڏا ڳوٺ آباد آهن. هن شھر کي هندستان جي سرحد ويجهو پوي ٿي ۽ ٿر جو ڪافي حصو هن شھر سان واڳيل هئڻ ڪري هتي وڻج واپار تمام بهتر ٿئي ٿو. ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ تمام سادو شھر آهي. هتان جي ماڻهن جي اُٿڻي ويهڻي ۽ رهڻي ڪهڻي سادگيءَ واري آهي. هتي ڪافي وقت کان گورنمينٽ هاءِ اسڪول قائم هو، جنهن کي هاڻي هائير سيڪنڊريءَ جو درجو حاصل ٿي چڪو آهي. ان کانسواءِ هتي هڪ پرائمري اسڪول، ٽائون ڪميٽي ۽ سول اسپتال بہ آهي. هتي ڪجهہ نجي اسپتالون ۽ ليباريٽريون بہ موجود آهن. هن شھر ۾ هڪ واھہ ڇوڙ ڪري ٿو. هتي فوجي شاخ جي وَهڻ کانپوءِ بندن تي رهندڙ ماڻهن لاءِ پاڻيءَ جي سهوليت ٿي پئي آهي، ڇاڪاڻ تہ ڇور جي آسپاس جر صفا کارو آهي ۽ واھہ مهيني ۾ هڪ ڀيرو ستن ڏينهن لاءِ وهندو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ فوجي شاخ هر هفتي وهي ٿي. هن شھر ۾ ڪيتريون ئي ذاتيون رهن ٿيون، جن ۾ آريسر، مڱريا، سميجا، پٺاڻ، ڇڇر، ملاح، شيخ، سهتا، ڪنڀر، رونجها، سومرا ۽ ڪولهي پنجابي اچي وڃن ٿيون. هن شھر جي آسپاس وونئڻ، مرچ، ڪڻڪ، سورج مکي، توريو ۽ ڄانڀو عام جام پوکيو وڃي ٿو. هتان جا ماڻهو ڍاٽڪي عام جام ڳالهائين. هن شھر جي آسپاس جي وڏن ڳوٺن ۾ کيتسنگهہ، سڻوهي، ٽيڀري ۽ حويلي اچي وڃن ٿا. هاڻي ڇور جي نالي سان 10 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ٻيو شھر اڏيو ويو آهي، جيڪو ’نيو ڇور‘ جي نالي سان سڏجي ٿو. نيوڇور ۾ بہ ڪيترائي پرائمري بوائز ۽ گرلس اسڪول، هاءِ اسڪول ۽ پوليس ٿاڻو قائم آهن. هتي هندو مذهب جو قديم ’مرلي ڌر مندر‘، ’جوڳ مايا جي مڙهي‘ ۽ ’سوامي سيجناٿ جي مڙهي‘ قائم آهن. هن شھر ۾ واڻيا، سوٽهڙ، مهراج، ٺڪر، نهڙي، سومرا، مڱڻهار، ڀيا، شيخ، چانهيا، ميگهواڙ، حجام، ڪنڀر، درزي، کتري ۽ سونارا ذاتيون آباد آهن. هتان جي کترين جو ڇُر جو ڪم سڄي سنڌ ۾ مشھور آهي. هن شھر ۾ بہ ريلوي اسٽيشن قائم آهي. هن شھر جي ڀرسان بابا نصرالله وليءَ جي درگاھہ آهي، جنهن ۾ قديم دؤر جون ڪيتريون مزارون آهن.


لفظ ڇور ھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو