ڇني ڪوٽ

ڇني ڪوٽ: تعلقي جوهيءَ جي مشھور ڳوٺ ڇنيءَ ۾، ڏکڻ اولھہ کان ڇنيءَ ايندي واٽ تي هڪ دڙي جا نشان موجود آهن، جنهن تي هن وقت ٿاڻو ٺهيل آهي. اهو دڙو ڪنهن وقت وڏو ڪوٽ هو، جنهن جون ديوارون ۽ برج ڊهي ويا آهن. صرف ٻہ ٺلھہ ثابت بيٺل آهن. اهي ٺلھہ زميني مٿاڇري کان ڇھہ فوٽ اوچا آهن، جيڪي اڻ گهڙيل پٿري بلاڪن جا ۽ مٽيءَ سان اوساريل آهن. مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ جا نشان موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو