چور تپ: ميڊيڪل سائنس موجب تپ/ بخار جا ڪيئي سبب ۽ قسم آهـن، پـر عـام مـاڻـهـن جـي مـشاهدي موجب ڪن بخارن جا نالا رکيل آهن، جيئن ٻيئڙ ۽ ٽيئڙ تپ. ائين ئي تپ جو هڪ قسم جو تپ سڏجي ٿو. جيڪڏهن رات جو تپ (بخار) ٿيندو آهي تہ ان کي چور تپ چوندا آهن. ’چور تپ‘ لاءِ ڪي ساٺ سنوڻ ڪندا آهن. ان لاءِ ٻھراڙيءَ جا ماڻهو ڪنهن نالي واري چور کان ڌاڳو وٽائي ٻڌندا آهن. ان کان سواءِ اها بہ روايت آهي تہ رات جو جنهن مھل چٻرو ٻوليندو آهي، ان مھل ڌاڳي کي جيتريون بہ ممڪن ٿي سگهن، ڳنڍيون ڏئي، اهو ٻار جي ڳچيءَ ۾ ٻَڌندا آهن يا چو واٽي جو سنئوڻ ڪندا آهن تہ جيئن چور تپ کان ڇوٽڪارو ملي سگهي. مدي جي تپ ۽ سِلھہَ ۾ بہ اڪثر رات جو بخار ٿيندو آهي، پر ٻهراڙين ۾ تشخيص ۽ علاج جون سهولتون نہ هئڻ ڪري ماڻهو سمجهي نہ سگهندا آهن ۽ اهڙا ٽوٽڪا ڪندا آهن نہ تہ اڄڪلھہ هر مرض جي علاج لاءِ ڊاڪٽر ۽ دوائون موجود آهن.