چوئي واھہ

چوئي واھہ: هيءُ سنڌوءَ جي اوج واري دور جو واھہ هو. هڪ راءِ مطابق درياھہ جي پراڻ هئي. هي تعلقي دادوءَ جي ديھہ چوئيءَ ۾ هئڻ ڪري ’چوئي واھہ‘ سڏبو هو. هن واھہ ۾ اهڙا ڪنب بہ هئا، جن ۾ پاڻي سڪندو ئي نہ هو. اهي پراڻي درياھہ جا آثار هئا، ڇو تہ درياھہ جڏهن چاڙھہ ۾ ايندو هو تہ تمام هيٺ زمين جي چوئي تائين ڪنارا پائيندو هو. درياھہ منهن مٽائي ويندو هو. پر ڪنب سياري توڙي سانوڻ ۾ پاڻيءَ سان تار هوندا هئا. چوئي واھہ، دادو شھر کان اوڀر طرف پنجن ڇھن ڪلوميٽرن تي جهليءَ واري طرف بہ ويندو هو. چوئي واھہ تان لاڳو ٻيلي تي ’چوئي ٻيلو‘ نالو پيو. چوئي واھہ ڳوٺ جو خيرو فقير ڏهر ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو خاص ماڻهو هو. خيري فقير جي ڳوٺ ۾ گولي فقير جي مزار آهي، جيڪو ان دؤر جو بزرگ ٿي گذريو آهي. ان ڪري ڪي ماڻهو هن ڳوٺ کي ’گولي فقير جو ڳوٺ‘ بہ سڏيندا آهن. چوئي واھہ ۾ ڪنهن وقت ٻيڙيون هلنديون هيون ۽ چوئي ٻيلي تائين ماڻهو بار ۽ سامان ٻيڙين ۾ کڻي ويندا هئا. سنڌو نديءَ جا جيڪي پراڻا وڏا واھہ هئا، تن ۾ ٻيڙيون هلنديون ۽ واپار ٿيندو هو. انهن واهن تي اڳئين زماني ۾ پتڻ بہ هوندا هئا. چوئي واھہ بہ اهڙن واهن مان هڪ هو.


لفظ چوئي واھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو