چنا، محمد عالم

چنا، محمد عالم

چنا محمد عالم

چنا، محمد عالم: ڊگهي قد سبب ’گنيز بُڪ آف ورلڊ‘ ۾ پنهنجو نالو درج ڪرائيندڙ سنڌ ڄائو، محمد عالم چنا 1956ع ڌاري ڳوٺ بچل چنا، تعلقي سيوهڻ ۾ محراب خان چنا جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ننڍيءَ ڄمار ۾ سندس جسماني ڪيفيت عام انسان وانگر هئي، پر اوچتو ئي سندس جسماني واڌويجهہ ۾ غير معمولي تبديلي ايندي رهي ۽ سندس قد وڌي ويو. محمد عالم غربت سبب پڙهي نہ سگهيو ۽ مزدوري ڪري گذرسفر ڪرڻ لڳو. سورهن سالن جي عمر ۾ تڪڙي واڌ سبب سندس قد ڳريءَ جسامت سان گڏ 7 فوٽ سوا 9 انچن تي وڃي پهتو. قلندر لعل شھباز جي نگريءَ ۾ رهڻ ۽ لال جي مزار تي ملازمت ڪرڻ ڪري عام ماڻهن ۽ زائرين جي توجھہ جو مرڪز رهيو ۽ ملڪ سان گڏ سنڌ ۾ وڏي شھرت ماڻيائين. محمد عالم پيپلز پارٽيءَ جو جهنڊو کڻي اڪثر جلسن جلوسن ۾ وڃي شامل ٿيندو هو. (شھيد) ذوالفقار علي ڀُٽي جي شفقت سبب کيس عالمي شھرت ۽ ڊگهي قد جو اعزاز حاصل ٿيو. 1981ع ۾ پنھنجي وقت جي قدآور شخص ڊان ڪوهلر جي وفات ٿي، جنهن جو قد اُن وقت 8 فوٽ اڍائي انچ هو، ان کان پوءِ محمد عالم چنا جو نالو گنيز بُڪ آف ورلڊ ۾ دنيا جي ڊگهي شخص طور شامل ڪيو ويو. 1985ع کان پوءِ ڊگهي قد جو اعزاز ڪجهہ وقت لاءِ کانئس واپس ٿيو ۽ لبيا جي سليمان علي نشنش ۽ موزمبيق جي جبريل مونجانيءَ کي ڊگهو قد رکڻ تي عالمي پذيرائي ملي، انهن ٻنهي جو قد 8 فوٽ هڪ انچ جي برابر هو، پر 1990ع تائين ٻنهي جي فوت ٿيڻ بعد، گنيز بوڪ جي مرتبن 1991ع ۾ ٻيهر محمد عالم چنا کي دنيا جو ڊگهو شخص قرار ڏنو. ڊگهي قد ۽ ڳري جسم سبب سندس سفر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو ۽ عام ڪارن ۽ ويگنن ۾ ماپي نہ ٿي سگهيو، جنهنڪري 1986ع ۾ کيس حڪومت طرفان هڪ ويگن، وڏن درن وارو گهر، وڏو پلنگ ۽ روزگار بہ ڏنو ويو. کيس اعزازيي طور اوقاف کاتي، پي. آءِ. اي، حبيب بئنڪ، پي. ٽي. وي ۽ ٻين ڪمپنين ۽ ادارن طرفان مالي مدد ملندي رهندي هئي. هن کي جوتا ۽ ڪپڙا آرڊر تي ٺهرائڻا پوندا هئا. هن حڪومت جي خرچ تي حج ۽ عمرو بہ ڪيو. برطانيا، آمريڪا، دبئي ۽ ٻين ملڪن جو اعزازي سفر ڪيائين. سندس ٻانهن ٻيلي، مئنيجر ۽ ترجمان جي حيثيت واريون خدمتون سندس ڀاڻج ۽ نيشنل بئنڪ جي آفيسر محمد انعام چنا سرانجام ڏنيون. هن قدآور شخصيت پنھنجي ڊگهي قد سبب بين الاقوامي شھرت ماڻي وڏا انعام اڪرام حاصل ڪيا. محمد عالم حياتيءَ ۾ ئي ڪراچي لڏي ويو، جتي کيس گڙدن جي بيماري ٿي پئي. کيس علاج لاءِ آمريڪا موڪليو ويو، پر صحتياب نہ ٿي سگهيو. محمد عالم چنا 2 جولائي 1998ع تي نيويارڪ جي هڪ اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. سندس ميت کي ڏيھہ آڻي سيوهڻ شھر ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1998.07.02  عيسوي

محمد عالم چنا 2 جولائي 1998ع تي نيويارڪ جي هڪ اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. سندس ميت کي ڏيهه آڻي سيوهڻ شهر ۾ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير حسن آري
سمڀا بن ڪرشنا
رالف للي ٽرنر سر
ٻوڌراج ٻوڌ
علي شير شيدي
شمل خاتون
رميش چوڌري
بولچند تيرٿداس نارواڻي
جوش مليح آبادي
عبدالعلي قلباڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون