چنا، محمد عالم

چنا، محمد عالم

چنا محمد عالم

چنا، محمد عالم: ڊگهي قد سبب ’گنيز بُڪ آف ورلڊ‘ ۾ پنهنجو نالو درج ڪرائيندڙ سنڌ ڄائو، محمد عالم چنا 1956ع ڌاري ڳوٺ بچل چنا، تعلقي سيوهڻ ۾ محراب خان چنا جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ننڍيءَ ڄمار ۾ سندس جسماني ڪيفيت عام انسان وانگر هئي، پر اوچتو ئي سندس جسماني واڌويجهہ ۾ غير معمولي تبديلي ايندي رهي ۽ سندس قد وڌي ويو. محمد عالم غربت سبب پڙهي نہ سگهيو ۽ مزدوري ڪري گذرسفر ڪرڻ لڳو. سورهن سالن جي عمر ۾ تڪڙي واڌ سبب سندس قد ڳريءَ جسامت سان گڏ 7 فوٽ سوا 9 انچن تي وڃي پهتو. قلندر لعل شھباز جي نگريءَ ۾ رهڻ ۽ لال جي مزار تي ملازمت ڪرڻ ڪري عام ماڻهن ۽ زائرين جي توجھہ جو مرڪز رهيو ۽ ملڪ سان گڏ سنڌ ۾ وڏي شھرت ماڻيائين. محمد عالم پيپلز پارٽيءَ جو جهنڊو کڻي اڪثر جلسن جلوسن ۾ وڃي شامل ٿيندو هو. (شھيد) ذوالفقار علي ڀُٽي جي شفقت سبب کيس عالمي شھرت ۽ ڊگهي قد جو اعزاز حاصل ٿيو. 1981ع ۾ پنھنجي وقت جي قدآور شخص ڊان ڪوهلر جي وفات ٿي، جنهن جو قد اُن وقت 8 فوٽ اڍائي انچ هو، ان کان پوءِ محمد عالم چنا جو نالو گنيز بُڪ آف ورلڊ ۾ دنيا جي ڊگهي شخص طور شامل ڪيو ويو. 1985ع کان پوءِ ڊگهي قد جو اعزاز ڪجهہ وقت لاءِ کانئس واپس ٿيو ۽ لبيا جي سليمان علي نشنش ۽ موزمبيق جي جبريل مونجانيءَ کي ڊگهو قد رکڻ تي عالمي پذيرائي ملي، انهن ٻنهي جو قد 8 فوٽ هڪ انچ جي برابر هو، پر 1990ع تائين ٻنهي جي فوت ٿيڻ بعد، گنيز بوڪ جي مرتبن 1991ع ۾ ٻيهر محمد عالم چنا کي دنيا جو ڊگهو شخص قرار ڏنو. ڊگهي قد ۽ ڳري جسم سبب سندس سفر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو ۽ عام ڪارن ۽ ويگنن ۾ ماپي نہ ٿي سگهيو، جنهنڪري 1986ع ۾ کيس حڪومت طرفان هڪ ويگن، وڏن درن وارو گهر، وڏو پلنگ ۽ روزگار بہ ڏنو ويو. کيس اعزازيي طور اوقاف کاتي، پي. آءِ. اي، حبيب بئنڪ، پي. ٽي. وي ۽ ٻين ڪمپنين ۽ ادارن طرفان مالي مدد ملندي رهندي هئي. هن کي جوتا ۽ ڪپڙا آرڊر تي ٺهرائڻا پوندا هئا. هن حڪومت جي خرچ تي حج ۽ عمرو بہ ڪيو. برطانيا، آمريڪا، دبئي ۽ ٻين ملڪن جو اعزازي سفر ڪيائين. سندس ٻانهن ٻيلي، مئنيجر ۽ ترجمان جي حيثيت واريون خدمتون سندس ڀاڻج ۽ نيشنل بئنڪ جي آفيسر محمد انعام چنا سرانجام ڏنيون. هن قدآور شخصيت پنھنجي ڊگهي قد سبب بين الاقوامي شھرت ماڻي وڏا انعام اڪرام حاصل ڪيا. محمد عالم حياتيءَ ۾ ئي ڪراچي لڏي ويو، جتي کيس گڙدن جي بيماري ٿي پئي. کيس علاج لاءِ آمريڪا موڪليو ويو، پر صحتياب نہ ٿي سگهيو. محمد عالم چنا 2 جولائي 1998ع تي نيويارڪ جي هڪ اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. سندس ميت کي ڏيھہ آڻي سيوهڻ شھر ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1998.07.02  عيسوي

محمد عالم چنا 2 جولائي 1998ع تي نيويارڪ جي هڪ اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. سندس ميت کي ڏيهه آڻي سيوهڻ شهر ۾ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علـي گوهـر قاضي
امو کٽي
ضياء الدين احمد سيد
شيخ فيض ﷲ
عاشق حسين سمراٽ
حاجي مولابخش سومرو
عبدالقادر بدايوني
باتو خان
شيخ حسين صفائي ٺٽوي
پروفيسر هاسانند جادوگر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون