
چتر ٻولي چارڻان
چتر ٻولي چارڻان (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نوجوان محقق ۽ شاعر ڀارو مل امراڻي سوٽهڙ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ ٿر جي اصلوڪن توڙي هاڻوڪن چارڻ ڪوين جي شاعريءَ کان سواءِ چارڻ قبيلي، ان جي تاريخ، ريتن رسمن، ڪِرت ۽ سماج ۾ اهميت، چارڻ شڪيتن تي تحقيقي مواد شامل آهي. هي ڪتاب پنجن بابن تي مشتمل آهي. باب پهرئين ۾ چارڻ ذات جو بڻ بنياد، باب ٻئي ۾ چارڻ شڪتيون ۽ موتيسرا چارڻ، باب ٽئين ۾ چارڻ ڪوين جي شاعريءَ جو مختصر جائزو، باب چوٿين ۾ مکيہ چارڻ شاعر ۽ باب پنجين ۾ چارڻ ڪوين جي شاعريءَ جا لوڪ ڪردار شامل آهن. ڪتاب جو پبلشر نوٽ نامياري اديب، نقاد ۽ سيڪريٽري ثقافت غلام اڪبر لغاريءَ، مهاڳ نوجوان اديب شھاب نهڙئي ۽ بئڪ ٽائٽل ڊاڪٽر ذوالفقار ڪلهوڙي لکيو آهي.
ڊيمي سائيز ۾ پڪي جلد ۽ ڊسٽ ڪور وارو 251 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران 2018ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب جي قيمت 300 روپيا آهي.