چاغي: چاغي بلوچستان جو ضلعو ۽ ضلعي هيڊڪواٽر آهي. هي ضلعو پاڪستان جي چئني صوبن ۾ وڏي ۾ وڏو ضلعو آهي، جنهن جي ڪل پکيڙ 50545 ڪلوميٽر آهي، جڏهن تہ 2005ع جي آدمشماري موجب هتان جي آبادي 250000 ماڻهن تي مشتمل آهي. هن ضلعي جي سرحد افغانستان ۽ ايران ملڪن سان لڳي ٿي. هن ضلعي ۾ نوشڪي دالبدن ۽ نوڪنڊي تعلقا آهن. 1998ع ۾ پاڪستان طرفان هن ضلعي ۾ موجود راس ڪوھہ جي ٽڪرين ۾ ايٽمي ڌماڪو ڪيو ويو، جنهنڪري هيءُ ضلعو سڄي دنيا ۾ مشھور ٿي ويو. هن ڌماڪي سبب آمريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن ملڪن پاڪستان تي معاشي پابنديون مڙهيون. ان کان اڳ 1985ع ۾ نوشڪي تعلقي کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو. چاغي جابلو علائقو آهي. نواز شريف جي حڪومت دوران 28 مئي 1998ع تي هتي’پاڪستان ائٽمڪ انرجي ڪميشن ‘طرفان ائٽمي ڌماڪو ڪيو ويو. ڌماڪي لاءِ هن علائقي کي مشھور سائنسدانن اشفاق احمد، منير احمد ۽ ڊاڪٽر احسان مبارڪ چونڊيو. بروهي، بلوچ ۽ ڪجهہ افغان قبيلا هتان جا اصل رهواسي آهن. هتي عرب بہ آباد رهيا آهن. جنهن جي شاهدي پرگ ۽ زراله شهرن جي آسپاس مقبرن جا تباھہ ٿيل آثار ڏين ٿا. گزيٽئر بلوچستان جي ليکڪ موجب: هتي سيد بہ رهندا هئا، جن کي سنجراڻي بلوچن لوڌي ڪڍيو. نوشڪيءَ جي مشرقي حصي ۾ اوائلي باشندا مانڊئي آباد هئا، جن کانپوءِ رخشان بلوچ هتي سرداري نظام قائم ڪيو، جيئن اڄڪلھہ سڄي بلوچستان ۾ آهي. هتي رهندڙ قبيلن ۾ رخشاني، باديني رخشاني، حمالدني رخشاني، ماندئي، ذگر مينگل، مھہ حسني، سنجراڻي، سارات، بزيچ، لانگو، لوهڙي ۽ ڪجهہ هندو ذاتيون آباد آهن. هتان جي ماڻهن جو ڌنڌو هارپو زمينداري ۽ واپار آهي.