ڄاڱري ٻير

ڄاڱري ٻير: هي جابلو ٻير جو هڪ قسم آهي، جنهن کي ’ڇاپرو ٻير‘ بہ چوندا آهن، ڇو تہ سنڌيءَ ۾ جبل کي ڇپر بہ چوندا آهن ۽ ڇپر جي نسبت سان هن ٻير کي ڇاپرو بہ سڏبو آهي. هن ٻير ۾ تمام گهڻا ڪنڊا ٿيندا آهن، جيڪي ننڍڙا ۽ ڪُنڍڙا ٿين ٿا، جنهنڪري ٻير پَٽيندڙن کي خيال ڪرڻو پوندو آهي، ڇو تہ اُهي هٿن ۽ آڱرين ۾ چُڀي پوندا آهن ۽ سخت سُور ڪندا آهن. هنن ڪنڊن کان ٻيرَ پَٽيندڙ ڪپڙا بہ بچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. هن ٻير جا ٻير عام ٻيرن کان ننڍا ٿيندا آهن ۽ انهن جو رنگ گهَرو ناسي (maroon) ۽ چھچ ڳاڙهو بہ ٿيندو آهي. هن ٻير جو قد عام ٻيرين کان ننڍو ٿيندو آهي. ڄاڱري ٻير ٿر ۾ بہ ٿيندي آهي ۽ اُتي جبل واري ٻير کان وڌيڪ گهاٽي ٿيندي آهي. ٻيرن جي مُند ۾ عام ماڻهو ٻيرن جون ڇَٻيون ڀري، شهرن ۾ کَپائڻ ايندا آهن. ڄاڱرا ٻير ڏاڍا مِٺا ۽ سوادي ٿيندا آهن.


لفظ ڄاڱري ٻيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو