چَلهو1

چَلهو: وڻ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ کوٽيل ننڍي کڏ، جيڪا اڌ فوٽ کن زمين ۾ اونهي هوندي آهي. چلهو وڻ جي چوڌاري چوڪنڊو توڙي گول ٺاهيو ويندو آهي. چَلهي ۾ وڻ کي پاڻي ڏيڻ توڙي گُڏ ڪڍڻ ۾ آساني ٿيندي آهي. چلهو، عمارت جي تعمير وقت، مٽيءَ ڀڄائڻ يا سيمينٽ ۽ واري ملائڻ لاءِ به ٺاهيو ويندو آهي، پوءِ اُها مٽي يا سيمينٽ کڻي ڀتين جي اوساريءَ ۾ ڪم آڻبو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو