ڄاموٽ سيد ذوالفقار علي شاهه

ڄاموٽ سيد ذوالفقار علي شاهه

ڄاموٽ سيد ذوالفقار علي شاھہ

ڄاموٽ سيد ذوالفقار علي شاھہ: نامور سياسي سماجي شخصيت، سيد ذوالفقار علي شاھہ ڄاموٽ، قبيلي جي پڳدار سردار سيد محمد علي شاھہ ڄاموٽ جي گهر، 15 اپريل 1941ع تي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. هن بنيادي تعليم حيدرآباد جي ڪانوينٽ اسڪول (سينٽ بوناوينچر) ۽ لاهور جي مشھور ايچيسن ڪاليج مان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ سنڌ زرعـي يـونيـورسـٽـي، ٽــنـڊي ڄــام مـان بي. ايس. سي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ڄاموٽ ذوالفقار، 1973ع کان 1978ع تائين پهريون ڀيرو ۽ 1985ع کان 1991ع تائين ٻيو ڀيرو سينيٽ جو ميمبر رهيو. ان سان گڏ ايچيسن ڪاليج لاهور ۽ ٽنڊي ڄام زرعي يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ منتخب ٿيو، جڏهن تہ هو ڪيترين زرعي ترقياتي ۽ صنعتي ڪميٽين جو ميمبر بہ رهيو. پاڻ ڪافي وقت پاڪستان مسلم ليگ سنڌ جو صدر ۽ ان بعد پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جو سرگرم اڳواڻ رهيو. سنڌ اندر هن فنڪشنل ليگ کي منظم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هو پير صاحب پاڳاري جو ويجهو ۽ وفادار دوست هو. ذوالفقار علي شاھہ ڄاموٽ، شڪار جو بيحد شوقين هو. انهيءَ سلسلي ۾ هن 1982ع ۽ 1983ع ۾ سوڊان، 1984ع ۾ آفريڪا جي ملڪ زمبابوي، 1985ع ۾ بوٽسوانا ۽ 1986ع ۾ تنزانيا جا سفر بہ ڪيا.
ذوالفقار علي شاھہ ڄاموٽ جي محنتن سان فصلن کي نقصان رسائڻ وارن جيتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مٽياريءَ ۾ هڪ اعليٰ قسم جي ’بايولاجيڪل ڪنٽرول لئبارٽريءَ‘ جو بنياد پيو، جتي قابل سائنسدان ۽ زراعت جا ڄاڻو تجربا ڪري ڪيلي، ڪمند، ڪپھہ ۽ ڀاڄين کي نقصان پهچائيندڙ جيتن جي خاتمي لاءِ تحقيق ڪري رهيا آهن. ڄاموٽ صاحب علائقي جو سماج سڌارڪ بہ هو. ڪيترائي اسڪول ۽ طبي مرڪز کولائڻ، رستن جو ڄار وڇائڻ، جديد زرعي تحقيق ذريعي زراعت کي ترقي وٺرائڻ، مٽياريءَ کي ضلعي جو درجو ڏياري بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ، مٽياري شگر مل ٺهرائڻ، علائقي جي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ، سندس زندگيءَ جو اصل مقصد رهيو. سيد ذوالفقار علي شاھہ ڄاموٽ، 11 مارچ 2011ع تي وفات ڪئي. سندس اولاد مان سيد محمد علي شاھہ ڄاموٽ، مٽياري ضلعي جو ناظم رهيو آهي ۽ ٻيو فرزند سيد تيمور علي شاھہ فنڪشنل ليگ ضلعي مٽياريءَ جو صدر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.04.15  عيسوي

نامور سياسي سماجي شخصيت، سيد ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ، قبيلي جي پڳدار سردار سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ جي گهر، 15 اپريل 1941ع تي م04ٽياريءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عرفان مهدي
بي ايڇ ايلس
ڀائي خان شر
عطاء ﷲ خان مينگل
امين لغاري
ڏيرو عبدالڪريم
سندر حشمتراءِ نيڀواڻي
پرڌان روپچند ڊاڪٽر
جمعو فقير 1
خدابخش ’ناشاد‘
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون