پٽاٽن جي تصوير

پٽاٽن جي تصوير

پٽاٽو

پٽاٽو (Potato ):پٽاٽو کاڌي/ ڀاڄيءَ جو قسم آهي. پٽاٽي جو اصل وطن ڏکڻ آمريڪا آهي. پٽاٽن جي فصل جي ابتدا ميڪسيڪو، چلي ۽ پيرو مان ٿي، جتي اڃا تائين پٽاٽن جي ٻوٽي جا جهنگلي قسم ملن ٿا. بعد ۾ هي فصل ٻين ملڪن ڏانهن پکڙيو. جن ۾ پاڪستان ۽ هندستان شامل آهن. آبهوا: پٽاٽن جو فصل سمنڊ جي سطح کان وٺي 14 هزار فوٽن جي بلنديءَ تائين ڪاميابيءَ سان پوکي سگهجي ٿو. هن فصل جي ٻوٽي کي جيتوڻيڪ سرد موسم جي ضرورت پوي ٿي. پر پارو برداشت نہ ٿا ڪري سگهن. پٽاٽن جو فصل 15.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان 21 ڊگري سينٽي گريڊ ۾ سٺي پيداوار ڏئي ٿو. هن فصل ۾ وڌيڪ گرمي سھڻ جي قوت تمام گهٽ آهي. جڏهن گرميءَ جو پد 29 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد کان وڌي وڃي ٿو تہ پٽاٽن جي ڳنڍين (Tubers) جي واڌ رڪجي وڃي ٿي. تنهنڪري سنڌ ۾ بھار وارو فصل ايترو ڪامياب نٿو ٿئي.جنسون: سنڌ لاءِ پٽاٽن جون سفارشون ڪيل جنسون: پرائيما (Prima)، الفا (Alpha)، وڪارو (Vekaro)، علادين (Alladin)، براڪا (Baraka)، ائٽم آلو (Atom-Allu)، ڪارڊينل (Cardinal)، ڊزاري (Desiree) ۽ مالٽا (Malta) وغيرہ آهن. پوکڻ جو وقت ۽ طريقو: پٽاٽن جي سڀني جنسن لاءِ پوکڻ جو وقت پهرين آڪٽوبر کان پهرين نومبر آهي. بھار واري فصل لاءِ پوکڻ جو وقت جنوريءَ جو مهينو آهي. هن فصل جي پوک بھار واري موسم ۾ اڍائي فوٽن جي وڇوٽيءَ تي کريا ٺاهي، کرين جي مٿان 9 انچن جي وٿيءَ تي پٽاٽي جو ڳنڍو ڏيڍ کان ٻہ انچ اونهون پوربو آهي ۽ ربيع واري موسم ۾ مٽيءَ جو تھہ ڪجهہ وڌيڪ يعني ٻن کان ٽي انچ اونهو چاڙهبو آهي. پٽاٽن جو فصل سنوت ٿيل زمين تي بہ پوکي سگهجي ٿو. سنوت يا هموار ٿيل زمين تي ٻن فوٽن جي وڇوٽيءَ تي قطارن جا نشان هڻي ٻن قطارن جي وچ ۾ پٽاٽن جو اڳ تيار ٿيل ٻج 9 انچ جي وٿيءَ تي رکي، مٿان ڪوڏر يا ڏاندار ذريعي مٽي چاڙهبي آهي. بھار واري فصل جي مٿان ڏيڍ کان ٻن انچن ۽ ربيع واري فصل مٿان تھہ ٻن کان ٽن انچن جو چاڙهبو آهي، نہ تہ ٻج گرميءَ جي ڪري خراب ٿي ويندو آهي. کرين تي فصل پوکڻ ڪري پٽاٽن (Tubers) جي واڌ ويجهہ لاءِ تمام گهڻي مدد ملي ٿي ۽ پيداوار سٺي لھي ٿي. تنهنڪري پٽاٽا کرين تي پوکجن. ٻج جو مقدار: پٽاٽن جي سفارش ڪيل جنسن جو ٻج ڪنهن ڀروسي واري هنڌ تان وٺڻ گهرجي. فصل پوکڻ کان هفتو کن اڳ ٿڌن گودامن (Cold Storage) مان ڪڍجي تہ جيئن ٻج ۾ ڦوٽهڙو شروع ٿئي. پٽاٽن جو ٻج في ايڪڙ تي 15 مڻ استعمال ڪبو آهي، پر ڪٿي ڪٿي في ايڪڙ ٽيهن مڻ تائين پڻ استعمال ٿئي ٿو. زمين: پٽاٽن جو فصل جلد تيار ٿئي ٿو. پوکڻ کان بعد اٽڪل ٽن مهينن ۾ تيار ٿي وڃي ٿو. تنهنڪري زمين مان خوراڪي جزا بہ وڌيڪ کڻي ٿو. ان ڪري هن فصل لاءِ طاقت وارين لٽاسين زمينن جي ضرورت پوي ٿي، جن ۾ پاڻيءَ جي نيڪال واري خاصيت موجود هوندي آهي. زمين ۾ وٿاڻ جو ڀاڻ ۽ ڪيميائي ڀاڻ پڻ ڪافي مقدار ۾ استعمال ٿئي ٿو. پٽاٽا زمين ۾ اندر ٺھن ۽ وڌن ٿا. تنهنڪري زمين جي تياريءَ تي پڻ ڪافي توجھہ ڏيڻو پوي ٿو تہ جيئن پٽاٽن جي فصل مان سٺي پيداوار حاصل ڪري سگهجي. زمين جي تياري: پٽاٽن واري زمين کي پهريان ٻہ يا ٽي هر، ڪنر هر سان ڏئي ڀتر ڀڃجن تہ جيئن زمين 8 کان 9 انچن تائين اونهي کلي ۽ نرم ٿئي. فصل پوکڻ کان هڪ مهينو اڳواٽ وٿاڻ جي ڀاڻ جون 50 کان 60 گاڏيون ايڪڙ تي وجهي ديسي هر سان ملائجي. پوکيءَ لاءِ ٽريڪٽر جي حالت ۾ ضرورت آهر زمين جي تياري ڪجي. فصل پوکڻ واسطي کرين ٺاهڻ کان اڳ هڪ ٻوري سلفيٽ آف پوٽاش ۽ هڪ ٻوري ڊي اي پي يا ٽِي ايس پي ڀاڻ ڇٽي، ديسي هر سان ملائجي. پاڻي، ڀاڻ ۽ گُڏ: پٽاٽي يا ٻج پوکڻ بعد زمين کي پاڻي ڏجي ۽ پاڻي ڏيڻ مھل ان ڳالھہ تي ڌيان ڏجي تہ جيئن پاڻي کرين جي مٿان چڙهي نہ وڃي. هن فصل کي ٻين فصلن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پاڻيءَ جي ضرورت پوي ٿي. پهريان ٻہ يا ٽي پاڻي هلڪا، پر تڪڙا ڏجن. جيڪڏهن پاڻي کرين جي مٿان چڙهي وڃي تہ پوءِ کرين جي مٿان وارو تھہ رنبي يا کرپيءَ جي مدد سان ڀڃڻ گهرجي. فصل جي ڄمڻ يا ڦٽڻ بعد پاڻي هر هفتي يا ڏهن ڏينهن کانپوءِ ڏيندو رهجي. جڏهن ٻوٽن ۾ پٽاٽا ٺھڻ شروع ٿين تہ پاڻي ڏيڻ ۾ ڪنهن بہ حالت ۾ ڪوتاهي ڪرڻ نہ گهرجي. ٻيءَ صورت ۾ پيداوار تي تمام گهڻو خراب اثر پوندو. گندگاھہ جا ٻوٽا ختم ڪرڻ ضروري آهن، ان ڪري فصل جي شروعاتي دور ۾ ٻہ يا ٽي ڀيرا گُڏ ڪجي. جڏهن پٽاٽن جو فصل ڦٽي يا ڄمي تہ پوءِ ڪوڏر يا چنجور جي مدد سان کرين جي وچ وارين نالين واري مٽي گُڏيءَ کرين جي مٿان ٻوٽن جي پاڙن تي چاڙهڻ بعد فصل جي پاڙن تي في ايڪڙ هڪڙي ٻوري يوريا ڀاڻ جي ڏيئي، فصل کي پاڻي ڏجي. گهٽ يا ڪمزور فصل ۾ ڀاڻ جو مقدار ضرورت آهر وڌائي سگهجي ٿو. هن فصل جي شروعاتي اوسر تي، ٻوٽن جي پاڙن تي مٽي چاڙهڻ ڪري وڏي هٿي ملي ٿي. جنهنڪري زمين جي اندر پٽاٽن جي ٺھڻ ۽ وڌڻ تي سٺو اثر پوي ٿو ۽ پيداوار ۾ واڌارو ٿئي ٿو. کوٽائي: پٽاٽن جو فصل ڊسمبر ۽ جنوري جي مهينن ۾ کوٽائيءَ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي. پيداوار: پٽاٽي جي في ايڪڙ پيداوار 300 کان 350 مڻ ٿئي ٿي.


لفظ پٽاٽوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو