پيغمبر پاڪصه جون نياڻيون (ڪتاب): هي ڪتاب عبدالرحمان جتوئي ۽ عبدالجبار ’عبد‘ جي گڏيل تصنيف آهي، 1997ع ۾ ’سنڌي ساهت سوسائٽي سنڌ شڪارپور-لاڙڪاڻو طرفان ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو. هن ڪتاب جو مقدمو مشھور عالم ۽ اديب مولانا محمد رمضان ڦلپوٽي لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي پيارين نياڻين: (1) حضرت بي بي ﷲ عنها'>زينب رضي ﷲ عنها،
(2) حضرت بي بي رقيه رضي ﷲ عنها، (3) حضرت بي بي ام ڪلثوم رضي ﷲ عنها ۽ (4) حضرت بي بي فاطمہ الزهرا رضي ﷲ عنها جن جي سيرت پاڪ نهايت ادب ۽ احترام سان دلچسپ انداز ۾ ڏني وئي آهي ۽ نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي فرزند حضرت ابراهيمرضه جي پڻ سيرت پاڪ ڏني وئي آهي. آخر ۾ هڪ ضميمو پڻ ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ بنات رسول جو شان بيان ڪيو ويو آهي. رنگين ۽ پڪي ٽائيٽل سان 120 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 35 روپيا ڄاڻايل آهي.