پير صدرالدين

پير صدرالدين: پير صدرالدين، سومرن جي آخري ۽ سمن جي اوائلي دؤر جـو اسمـاعيـلـي سـلسلـي جـو صـوفـي درويـش ۽ وڏو داعـي ٿـي گذريو آهي. پير صدرالدين جي ڪلام جي تفصيلي مطالعي ۽ گنانن جي اڀياس مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ سندس ولادت قديم سنڌ ۾ ٿي هئي. سندس شجرو، ملتان ۾ قائم درگاھہ شير علي اڪبر جي گنبذ جي چوڌاري، ٻاهرئين پاسي ڪاشيءَ جي سرن تي لکيل آهي، جو هن ريت آهي: ”پير صدرالدين بن پير صاحب الدين عرف شھاب الدين بن پير نصيرالدين بن پير شمس الدين سبزواري ملتاني بن پير صلاح الدين بن پير صالح الدين عرف محمد نور بخش بن پير علي سلام الدين عرف اسلام شاھہ بن پير عبدالمؤمن عرف مشتاق شاھہ بن پيـر عـلي خـالـق الـديـن شـاھہ بـن پيـر محـب الـديـن بن پيـر محمـود بن پير محمد معصوم بن پير هاشم شاھہ بن پير احمد هادي عرف مستنصر بالله بن پير عبدالمجيد شاھہ بن پير غالب الدين عرف غالب شاھہ بن پير محمد منصور بن پير امام الدين عرف اسماعيل شاھہ (ثاني) بن پير محمد نور الـدين شاھہ بن پير امير احمد شاھہ عرف امام جعفر الصادق عليہ السلام.“
پير صاحب جي ولادت لاءِ ڌار ڌار رايا ملن ٿا. گلزار شمس تبريزيءَ مطابق سندس ولادت 2 ربيع الاول 650 ھہ/ 13 مئي 1252ع تي سومر جي ڏيـنهـن ٿي. ’تـواريخ پـيـر‘ جـو حـوالـو ڏيـندي، لاکاڻـي صـاحـب بہ ساڳيو سال يعني 650 ھہ/ 1252ع ٻڌايو آهي. جڏهن تہ علي محمد چنارا، 2 ربيع الاول 700 ھہ/ 1300ع ۽ ڊاڪٽر آئيونوف، هڪ شجري جي آڌار تي 689ھہ /1290ع بيان ڪيو آهي. آئيونوف جو رايو وڌيڪ وزندار لڳي ٿو. پير صدرالدين جي وفات جو سن 1409ع ٻڌايو وڃي ٿو.
پير صدرالدين کي سيد الشهداءِ، حاجي بابا، صدر شاھہ، پير سلامت، ستگر، سئو ڏيو، مخدوم ٻارھہ گُر ۽ گُر هريش چندر کان سواءِ سيد صدرالدين جيبي، وصي محمد ۽ حاجي صدر شاھہ پڻ سڏيو ويندو آهي. سندس اصل نالو محمد صدر الدين هو. شجاع الملڪ موجب کيس سيد محمود ثاني بہ چيو ويندو هو. جيئن تہ پير صاحب ڪيترائي حج ڪيا هئا، تنهنڪري کيس حاجي صدرالدين پڻ سڏيو ويندو هو. هن ٻارهن قبيلن کي اسلام ۾ اسماعيلي فرقي جي عقيدي تي آندو هو، ان ڪري کيس ’ٻارھہ گر‘ بہ سڏيو ويو آهي. پير صدرالدين کي اسماعيلي عقيدي جي ٽيهين امام، سيدنا اسلام شاھہ (740 ھہ/1339 ع-827 ھہ/ 1423ع) سنڌ ۽ هند ۾ اسماعيلي دعوت پکيڙڻ لاءِ پير مقرر ڪيو هو ۽ اهڙيءَ طرح هن پنھنجي پڙ ڏاڏي پير شمس سبزواريءَ ملتانيءَ جي دعوت جي ڪم کي اڳتي وڌايو. جڏهن تہ هو ساڻس گڏجي سنڌ، پنجاب ۽ راجسٿان جي سفر تي بہ ويو. سندس والد پير شھاب الدين جي وفات کان پوءِ کيس پير يعني ’داعي‘ مقرر ڪيو ويو. سنڌ، ملتان، ڪشمير، پنجاب، راجسٿان ۽ گجرات کان سواءِ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ بہ دعوت عام ڪيائين. ان وقت ۾ پهرين سومرن ۽ پوءِ سمن (752ھہ/1351ع) حڪومت جون واڳون سنڀاليون هيون.
پير صدرالدين قرآن پاڪ ۽ حديث شريف کان سواءِ هندومت جي ويدن ۽ ويدانيت جو بہ مطالعو ڪيو هو. سندس دعوت جو مرڪز اُچ شريف هو، پر ملتان کان وٺي هيٺ سڄو سرائڪي خطو، سنڌ، گجرات، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ راجسٿان ۾ بہ سندس اثر رهيو. پير صاحب سنڌي، ڪڇي، گجراتي، هندي، پوربي ۽ ٻين ٻولين ۾ گنان چيا آهن. پير صاحب نو مسلم خواجن کي ديني تعليم ڏيڻ لاءِ هڪ رٿا ٺاهي ۽ لوهاڻڪي سنڌي رسم الخط ۾ تبديلي آڻي، ان جو نالو ’چاليھہ اکري‘ رکيائين، جيڪا خواجڪي سنڌي رسم الخط جي نالي سان اڄ بہ رائج آهي. ان حوالي سان کيس خواجڪي سنڌيرسم الخط‘ جو باني سڏي سگهجي ٿو. پير صاحب علم ادب جو وڏو سرمايو ڇڏيو، جنهن جو ڪجهہ تفصيل هن ريت آهي:
(1) ٻوجهہ نرنجن (خدا جي ڄاڻ ۽ ان سان واقفيت ):هن ڪتاب ۾ الاهي جوت جي ڳولا ڪرڻ وارن لاءِ واٽن ۽ معنائن جو ذڪر آهي، جنهن ۾ اسلامي تصوف ۽ هندي تصوف جي اصطلاحن کي ڪم آندو ويو آهي. گنانن جو هي مجموعو تصوف ۽ معرفت جي موضوع تي آهي.
(2) آراڌ (پوڄا يا عبادت ):هيءُ مسودو نثر ۾ آهي. شروع ۾ حمد باري تعاليٰ آهي، ان کان پوءِ حضرتٰ علي عليہ السلام جي شان مدح ڏنل آهي.
(3) ونود (سچي راحت يا خوشي ):هن ڪتابڙي ۾ 22 گنان آهن، جن ۾ خدا جي ثنا ۽ حضرت علي عليہ السلام جو شان ۾ بيان ڪيل آهي.
(4) اٿرويد: هندن جي چئن ويدن مان آخري ”اٿر ويد“ جي هڪ سمجهاڻي بيان ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ خاص طور نڪلنڪ جي رسم بہ آهي. هي نثر ۾ يارهن پاٺن تي مشتمل آهي.
(5) گر ڀاولي ننڍي (ڳجهہ ):هي ڪتاب دنيا ۽ ان جي موجودات بابت سوالن جوابن ۾، نثر ۾ آهي. ان ۾ ماءُ جي پيٽ ۾ ٻار جي افزائش بابت بيان آهي.
(6) صورت سماچار (صورت بابت ڄاڻ يا سمجهاڻي ):هي ڪتاب نثر ۾ آهي.
(7) گنان: سندن 250 کان وڌيڪ گنان ملن ٿا، جيڪي اخلاق، نيڪي، بندگي، مذهبي حقن جي پوئواريءَ ۽ مذهبي وارتائن تي مشتمل آهن. سندس گنانن ۾ سولائيءَ خاطر سنڌي، هندي، سنسڪرت، سرائڪي، پنجابي ۽ گجراتي ٻولين جي آميزش ڪئي وئي آهي.


لفظ پير صدرالدينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1290.00.00  عيسوي

پير صدرالدين 689هه /1290ع ڌاري پيدا ٿيو


1409.00.00  عيسوي

پير صدرالدين جي وفات جو سن 1409ع ٻڌايو وڃي ٿو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پيٽن رائوس
پهلوان شير ميربحر
پاٽائي مخدوم فضل ﷲ
پيرزادو غوث محمد گوهر
ديوان پرڀداس آڏواڻي
بارٽل فريئر
پارس حميد
تولارام عاجز
سليمان راڄڙ خليفو
رحماني مفتي خان محمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون