پيرل فقير خوشدل ستاري

پيرل فقير ’خوشدل‘ ستاري: پيرل فقير ذات جو مڱريو هو ۽ 1884ع ڌاري ڳوٺ ويِهڙ ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو. هن صوفي عبدالستار، جهوڪ شريف واري کان فيض حاصل ڪيو. ڪجهہ عرصو ويهڙ ۾ گذارڻ کان پوءِ اڪ تڙ، سيوهڻ، بازيد پور ۽ ٺارو شاھہ ۾ اچي رهيو. پيرل فقير درويش صفت ماڻهو هو، هن کان جن ماڻهن فيض حاصل ڪيو، تن ۾ محمد خان جتوئي، رمز علي خاصخيلي (نوان جتوئين وارو)، علي بخش کوسو قابلِ ذڪر آهن. پيرل فقير کي غريبن ۽ مسڪينن سان وڏي محبت هوندي هئي. هن هڪ يتيم ٻار گل حسن جي پرورش بہ ڪئي. نوان جتوئيءَ ۾ 1941ع ڌاري آيو ۽ اتي ئي 1951ع ۾ وفات ڪيائين. مرشد ۽ شاعر هئڻ ڪري پاڻ کي ’خوشدل‘ سڏرائيندو هو، سندس ڪلام ڇپيل آهي. سندس مزار تي هر سال راڳ ٿيندو آهي. سندس درگاھہ پراڻا جتوئيءَ لڳ ڳوٺ ’مَٺي‘ ۾ موجود آهي. جنهن ۾ محمد فقير هيسباڻي ۽ سيد صابن شاھہ بہ آرامي هئا، پر اهو ڳوٺ ۽ قبرستان درياھہ پائي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1884.00.00  عيسوي

پيرل فقير خوشدل ستاري 1884ع ڌاري ڳوٺ ويِهڙ ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو


1951.00.00  عيسوي

پيرل فقير خوشدل ستاري 1951ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جڳواڻي سندر مينگهراج مجرم
چوڌري رحمت علي
ايئرمارشل محمد عظيم دائودپوٽو
توقير فاطمہ ڀٽو
جون آف آرڪ
سندري اتمچنداڻي
جهانگي خان وڏيرو
امين محمد اول هالائي مخدوم
شمشاد غوري
سلطان سامٽيو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون