پوران: ”ماوراءُ النهر“ (وچ ايشيا) جي ڪيترن ئي قديم تاريخي شهرن، ڳـوٺـن، وسنـديـن ۽ مـاڳـن جـي احـوال وانگـر پوران جو بہ ڪنهن قديم تاريخ يـا تـذڪـري ۾ ڪـو بہ تـفصيـلي ۽ مسـتند احوال نہ ٿو ملي. ”فيروز اللغات“(فارسي) ۾ پوران بابت صرف ايتري وضاحت ٿيل آهي تہ هيءُ ايران جي قديم شھر ”قنوج“ جو نالو آهي، قنوج بابت ايران يا وچ ايشيا جي ڪنهن بہ تذڪري ۾ سراغ نہ ٿو ملي، البته قنوج هندستان ۾ واقع هڪ شھر جو نالو هو، جتي جو حاڪم راج پر ٿيراج هو، جنهن کي محمود غوريءَ شڪست ڏني هئي.
محمود الحسن صديقي پنھنجي پي. ايڇ. ڊي جي مقالي ”سنڌ جي ارغونن ۽ ترخانن جي تاريخ“ (انگريزي) ۾ ”پوران“ بابت لکيو آهي تہ: ”پوران جو قديم شھر هرات جي اتر ۾ واقع آهي“. انهيءَ ماخذ کي سامهون رکي پير حسام الدين راشديءَ لکيو آهي تہ: ”پوران شھر هرات جي ويجهو هڪ مردم خيز ڳوٺ هو، سنڌ جا ”ميرڪي سيد“ اصل اتان جا هئا. ان ڪري اهي ”پوراني سيد“ جي نالي سان مشھور آهن، جيڪي شاھہ بيگ ارغون جي دور ۾ قنڌار ۾ ۽ پوءِ سنڌ ۾ بکر ۽ ٺٽي ۾ اچي آباد ٿيا.