
پهڻن پير پٿون ڪيا
پهڻن پير پٿون ڪيا (ڪتاب): هيءُ ڪتاب قومپرست دانشور ۽ اديب دلشاد ڀُٽي سينيئر جي مضمونن تي مشتمل آهي. ڪتاب ۾ شامل سمورا مضمون وقت بہ وقت مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا آهن. ڪتاب ۾ ‘ٻہ لفظ’ عنوان سان عبدالقادر جوڻيجي جا لکيل آهن. ڪتاب جو مهاڳ ليکڪ خود لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ جي. ايم. سيد، شھيد خان قريشي'>بشير خان قريشي، شھيد ذوالفقار ڪولاچي، شھيد آصف پنهور، ذوالفقار آباد رٿا، ڌارين جي آبادڪاري، سنڌو درياھہ، سيڪيولر پاڪستان ۽ مظلوم قومون ۽ ٻين سياسي سماجي موضوعن تي مضمون شامل آهن. ڊيمي سائيز جي 172 صفحن ۽ رنگين ٽائيٽل وارو هي ڪتاب آزادي اشاعت گهر ميرپور بٺوري پاران 2016ع ۾ ڇپيو. ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي.