پنهواري جاگير: ضلعي سکر جي تعلقي پني عاقل ۾ هڪ ديھہ، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن:
پنهواري، سومرا، حافظ محراب مهر، عبدالله شاھہ، ارباب جهنڊير، مھر (گل بھار)، خدا بخش مهر، ميرل جتوئي، انڍڙ جوڳي، علي انڍڙ، بخت علي انڍڙ ۽ حسين بخش ۽ پنهواري رعيتي.
ضلعي سکر جي تعلقي پني عاقل ۾ هڪ ديھہ، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: شاھہ مردان شاھہ، ميرڻ انڍڙ، مينهون انڍڙ، عالم انڍڙ، اسحاق انڍڙ ۽ محمد بخش انڍڙ.
تعلقي روهڙيءَ جي هڪ ديھہ، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن:
پنهور، بنگل لباڻو، ڊرپ، سليمان ميربحر ، سانڊو لٻاڻو، سومر ٻرڙو، محمد علي لٻاڻو، ٻانھون لٻاڻو، ستم دڙو، نسيم لٻاڻو، آچر ميتلو، ٻڍو لٻاڻو، غلام فريد، محمد پريل پنهور، اصغر خان فارم، فاروق ڀٽي، بشير کوکر، رضا محمد کوسو، جان محمد، جمال الدين ميتلو، الھہ يار ميتلو، جمعون شيخ، يارو لٻاڻو، سڪندر علي فارم ۽ ماهي لٻاڻو.
هن نالي سان تعلقي خانپور ضلعي شڪارپور ۾ هڪ ديھہ آهي، جنهن ۾ نندو پنهور، محمود پنهور ۽ محمد عظيم پنهور ڳوٺ شامل آهن.