سسئي پليجو

سسئي پليجو

پليجو سسئي

پليجو، سسئي: سنڌ جي ثقافت کاتي جي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ اڳواڻ سسئي پليجو، 10 جنوري 1976ع تي ٺٽي ۾ غلام قادر پليجي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد غلام قادر پليجو سياسي ۽ سماجي حوالي سان مشھور اڳواڻ رهيو آهي. سندس والدہ اختر بلوچ پڻ سنڌ جي تاريخ جو اهم نالو آهي، جو اها سنڌ جي پهرين ڇوڪري هئي، جيڪا ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپائڻ واري تحريڪ ۽ ون يونٽ خلاف تحريڪ جي سلسلي ۾ جيل وئي ۽ ’قـيدياڻيءَ جي ڊائري‘ نـالـي ڪـتاب لکيـائيـن، جنهـن جـو اردوءَ ۾ ’اميد سحر‘ نالي سان ترجمو بہ ڇپجي چڪو آهي. ڪتاب ’قيدياڻيءَ جي ڊائريءَ‘ جا سنڌ ۾ ٻہ ڇاپا ۽ هند ۾ نئين دنيا پبليڪيشن ممبئيءَ پاران هڪ ڇاپو ڇپجي چڪو آهي.
سسـئـي پليـجـو، سـنڌ يونيـورسٽيءَ مان مـاسٽـرس ڪـرڻ بعـد لـنـڊن يونيورسٽيءَ مان ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪئي. هوءَ ننڍپڻ کان ئي تعليمي ۽ سماجي حوالي سان اڳڀري رهي آهي، علم، ادب ۽ سياست ۾ خاص دلچسپي رهي اٿس. هن تعليم مڪمل ڪرڻ بعد پنھنجي والد واري سيٽ تان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهي ۽ پهريون ڀيرو 2002ع وارين چونڊن ۾ ڪامياب ٿي، صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر ٿي ۽ 2008ع وارين چـونـڊن ۾ بہ سخـت مقـابـلـي بعـد چـونـڊ کـٽيـائيـن. هيءَ واحد خاتون ايم. پي. اي آهي، جيڪا عورتن لاءِ مخصوص سيٽ تي نامزد ٿيڻ بدران پنھنجي تڪ مان چونڊجي آئي آهي. هن وقت سنڌ جي ثقافت کاتي جي وزارت ۾ تمام بهتر انداز ۾ سنڌي ادب، ٻولي، ثقافت، اديبن، فنڪارن جي خدمت لاءِ ڪوشان آهي. سندس دؤر ۾ شاھہ لطيف جي ميلي جي موقعي تي اڳ کان ڪافي بهتري آئي آهي. ’ثقافتي ڳوٺ‘ ۽ ’ڪانفرنسن‘ جو معيار بلند ٿيو آهي. ان کانسواءِ قلندر شهباز، سچل سرمست ۽ قادر بخش بيدل جي عرس مبارڪن جي موقعي تي بہ پهريون ڀيرو محترمہ سسئي پليجو جي هدايتن تي ڪانفرنسون ٿيون آهن ۽ تحقيقي ڪتاب ڇپيا آهن. هر سال، مارئي ميلي لڳرائڻ ۽ ان موقعي تي ادبي ڪانفرنس ڪرائڻ جو رواج پڻ سسئي پليجو وڌو آهي. هن جي دؤر ۾ لطيف شناسيءَ سان گڏ اياز شناسيءَ تي تمام وڏو ڪم ٿيو آهي. ان ڏس ۾ ثقافت کاتي پاران شي اياز جون تخليقون ايڪيهن جلدن ۾ ڇپجي چڪيون آهن. ان کانسواءِ استاد بخاري، پروفيسر عطا محمد حامي ۽ ٻين شاعرن، عالمن ۽ اديبن جا ڪيترا ڪتاب ڇپيا آهن. محترمہ سسئي پليجو جي ڪوششن سان پهريون ڀيرو سنڌ جا آرڪيالاجيڪل ماڳ، مرڪز کان سنڌ حڪومت کي واپس مليا آهن. هن سکر ۾ ”لاکين جي دڙي“ جي کوٽائي ۽ ميوزم جي قيام لاءِ ڪوششون ورتيون آهن ۽ سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ ميوزم ۽ ڪلچرل ڪامپليڪس ٺهرائڻ جي شروعات ڪئي آهي. محترمہ سسئي پليجو پاران سنڌ ميوزم ۾ ’فريڊم فائيٽرس گئلري‘ سان گڏ محمد ابراهيم جويو ڪارنر، ايم. ايڇ. پنهور ڪارنر، ظفر ڪاظمي ڪارنر، غلام رباني آگرو ڪارنرس قائم ڪيون آهن. هن جي دؤر ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شھيد بينظير ڀٽو جي تصويرن جون حيدرآباد، ڪراچي، لاڙڪاڻي ۽ اسلام آباد ۾ نمائشون ٿيون آهن. هن جي ڪوششن سان سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري، ڪراچي يونيورسٽي ۽ شاھہ لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ”بينظير ڀٽو چيئرز“ قائم ٿيون آهن. پاڪستاني سياست ۾ سندس آئيڊيل شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمہ بينظير ڀٽو شھيد آهن ۽ هوءَ سندن ئي فڪر ۽ جدوجھد جي تسلسل ۾ اڳتي وڌي رهي آهي. سسئي پليجو دنيا جا ڪيترائي ملڪ گهمي چڪي آهي. سندس مستقل رهائش مڪليءَ، ٺٽي ۾ آهي. وقت بوقت سندس ڪالم مختلف اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1976.01.10  عيسوي

سسئي پليجو، 10 جنوري 1976ع تي ٺٽي ۾ غلام قادر پليجي جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خانبهادر سيد محمد ڪامل شاھہ
شيخ رشيد
ايف اي خان ڊاڪٽر
اورنگزيب عالمگير
ڀاڳ ڀان
ڄام ڀرمل- I
جوتواڻي موتي لال ڊاڪٽر
ارباب فيض محمد
الھہ بخش ٽالپر
ابوالفضل بيهقي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون