پراڻا جتوئي ڍنڍ

پُراڻا جتوئي ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ نوشهري تعلقي ۾ آهي، جنهن کي درياھہ پائي ويو آهي. هيءَ ان وقت جي ڇڏيل ڍنڍ آهي، جڏهن پراڻو ڳوٺ ”پاٽوهو ڳوٺ“ پائڻ کان پوءِ درياھہ وري رُخُ بدلايو هو. اها پراڻ ڪيترن سالن کان پوءِ ڍنڍ ٿي وئي. اونهاري ۾ ڍنڍ ڏکڻ ڏانهن ايندڙ پاڻيءَ سان ڀرجي ويندي آهي. اونهاري ۾ پتڻ جتوئيءَ (جيڪو رڪارڊ ۾ ”پراڻو ديرو پتڻ“ آهي) وٽان ٻيڙي ماڻهو کڻندي ۽ لاهيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو