پاڙو: ڀر ۾ اڏيل گهر، ٻہ گهر هجن يا گهڻا گهر هجن، پر هڪٻئي جي ڀر ۾ هجن، ڀت ڀت سان هجين يا جنڊو گڏ هجي يا سامهون هجن. اهڙيءَ طرح اڏيل گهرن جي مجموعي کي ”پاڙو“ چوندا آهن. پاسي واري گهر ۾ رهندڙ کي ”پاڙيسري“ چوندا آهن. ٻهراڙين ۾ پاڙي ۾ فقط مٽن مائٽن جا گهر ٿيندا آهن، پر ننڍن يا وڏن شهرن ۾ ڪير بہ پاڙيسري ٿي سگهي ٿو، ڪا جهل پل نہ هوندي آهي. چوندا آهن تہ ”پاڙو نبين کي بہ پيارو آهي“. پاڙيسرين جي حقن کي هر معاشري ۾ قبول ڪيو ويو آهي. نبي سڳوري صلي ﷲ عليہ وسلم پاڙيسريءَ جي حقن تي تمام گهڻو زور ڏنو آهي.