ٽَڪ- ماڳ: هي ماڳ ڪاپٽ کان اٽڪل ساڍا ٽي ڪلو ميٽر ڏکڻ-اولھہ تعلقي ٿاڻو بولاخان ضلعي ڄامشوري ۾ موجود آهي. پٿرن جي ڍڳ واري هن ماڳ مٿان ڪي اڏاوتون بہ تعمير ٿيل آهن. جن ۾ ست ڪمرا آهن، وچيون ڪمرو اوڀر توڙي اولھہ پاسي وارن ڪمرن جي سنوت کان وڌيل آھي. ڪرنل فريئر ڪراچيءَ کان سيوھڻ ويندي ھي ماڳ ڏٺو ھو. هن خيال ڏيکاريو هو تہ ھن قسم جون اڏاوتون مسافرن جي اجهي لاءِ بہ ٿي سگهن ٿيون. ايڇ. ٽي. لمبرڪ بہ سنڌ جي تاريخ ۾ ٽڪ ماڳ جي آثارن جو ذڪر ڪيو آھي.