سچن ٽنڊولڪر

سچن ٽنڊولڪر

ٽنڊولڪر سچن

ٽنڊولڪر، سچن: مشھور ڀارتي ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر 24 اپريل 1973ع تي بمبئي جي هڪ سرسوت برهمڻ گهراڻي ۾ مراٺي ٻوليءَ جي ليکڪ ۽ ناول نگار رميش ٽنڊولڪر جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ماءُ جو نالو رجني ٽنڊولڪر آهي. هن کي ٻہ ڀائر نتن ۽ اجيت ٽنڊولڪر ۽ هڪ ڀيڻ ساواتي آهي. هن 1995ع ۾ گجرات جي مشھور صنعتڪار آنند مهتا جي ڌيءَ ڊاڪٽر انجلي سان پيار جي شادي ڪئي، جيڪا هن وقت ممبئيءَ جي J.J اسپتال ۾ ڊاڪٽر طور ڪم ڪري ٿي. هن کي هڪ ڌيءَ سارا ۽ هڪ پُٽ ارجن جو اولاد آهي.
هن ڪرڪيٽ کيڏڻ جي شروعات اسڪول جي زماني کان ڪئي. انهن ڏينهن ۾ اسڪول ۾ سندس راند جو اُستاد وڪيٽن تي هڪ رپئي جو سڪو رکندو هو ۽ بالرن کي چوندو هو تہ جنهن سچن ٽنڊولڪر کي آئوٽ ڪيو. اهو سڪو ان جو ٿيندو پر جيڪڏهن سيشن ختم ٿيڻ تائين ٽنڊولڪر آئوٽ نہ ٿيو تہ اهو سڪو ٽنڊولڪر کي ملندو، ائين سچن ٽنڊولڪر 13 سڪا کٽيا. 1988ع ۾ ”انٽر اسڪول ٽورنامينٽ“ ۾ ونود ڪامبلي سان گڏ 664 رنسن جي رڪارڊ پارٽنرشپ ٺاهي نالو ڪمائي ورتو. پوءِ هو ڀارت جي قومي ڪرڪيٽ ۾ چونڊجي آيو. سچن ٽنڊولڪر 16 سالن جي عمر ۾ 15 نومبر 1989ع ۾ پاڪستان خلاف ڪراچي ۾ ٿيل ٽيسٽ ميچ سان پنھنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. ان پهرين ميچ ۾ هن صرف 15 رنسون ٺاهيون هيون ۽ وقار يونس هٿان ”ڪلين بولڊ آئوٽ“ ٿيو هو. پر آهستي آهستي هن پاڻ کي بھترين بئٽسمين طور سامهون آندو ۽ ماڻهن کي پنھنجي بھترين ۽ زوردار اسٽروڪن جو ديوانو بنائڻ سان گڏ ”لٽل ماسٽر“ جو لقب پڻ حاصل ڪيو. هن 17 سالن جي عمر ۾ بين الاقوامي مئچ ۾ پهرين سينچري ٺاهي. هي ٻہ ڀيرا انڊين ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بہ بڻيو پر ڪامياب نہ ويو.
37 سالن جي لڳ ڀڳ عمر واري ٽنڊولڪر، 442 ون ڊي مئچن ۾ 46 سينچرين ذريعي 17598 ۽ 166 ٽيسٽ مئچن ۾ 47 سينچرين ذريعي 13447 رنسون ٺاهي چڪو آهي. ٽيسٽ مئچن ۾ سندس اننگ جو وڏو اسڪور 248 رنسون ۽ ون ڊي مئچن ۾ 200 رنسون آهي، جيڪو هن . ٽيسٽ مئچن ۾ سندس رنسن ٺاهڻ جي سراسري رفتار 55.56 ۽ ون ڊي مئچن ۾ 45.12 آهي. ”ليگ اسپن“ بالنگ ڪرائيندڙ ٽنڊولڪر هن وقت تائين ٽيسٽ مئچن ۾ 44 ۽ ون ڊي مئچن ۾ 154 وڪيٽون پڻ وٺي چڪو آهي. هن هڪ ٽوئنٽي 20 مئچ بہ کيڏي، جنهن ۾ 10 رنسون ٺاهي سگهيو.
سچن ٽنڊولڪر ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ ون ڊي توڙي ٽيسٽ مئچن ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسن ۽ سينچريون ٺاهڻ جا رڪارڊ رکندڙ رانديگر آهي. ڀارتي ٽيم جا رانديگر توڙي مُداح کيس لٽل ماسٽر، دادا، ٽنڊليو، ماسٽر بلاسٽر، دي لٽل چيمپيئن وغيرہ جي لقبن سان سڏين ٿا.
تازو هن بمبئي جي اولھہ بندرا واري علائقي ۾ 9000 چورس فوٽن جي ايراضيءَ ۾ خوبصورت ۽ شاهي محل وانگر گهر خريد ڪيو آهي، جتي هُو پنھنجي ڪٽنب سان رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1973.04.24  عيسوي

مشهور ڀارتي ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر 24 اپريل 1973ع تي بمبئي جي هڪ سرسوت برهمڻ گهراڻي جي ليکڪ ۽ ناول نگار رميش ٽنڊولڪر جي گهر ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

استاد لغاري
حسين شھيد سھروردي
خادم حسين انڙ
جوڻيجوعبدالخالق
پلي رحم علي
طلعت اقبال
الھہ بخش سگهڙ 1
پرهياڙ مير محمد
جمن چارڻ
جماڻي مدن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون