ٽريمون: تعلقي روهڙيءَ جي هڪ ديھہ جو نالو جنهن ۾ هيٺ ڏنل اٺاويھہ ڳوٺ شامل آهن: ٽريمون، محمد عالم فقير، بخشو ڪٽوهر، پيارو ڪٽوهر، موريجا، چوڌيو موريجو، ڌارا واهڻ، بخشو ڪٽوهو، ڪوٽ مير محمد باقر خان، جماڻي، محمد اوڍاڻو، جانو پلھہ، انب ڪٽوهر، ميرو ڪٽوهر، چڀڙ خان، مير حسن، ڪٽوهر مقصود آباد، ٺٽ، تلي، ڪٽوهر پٿڻ، يار محمد ڪٽوهر، قبول شاھہ، جتوئي، پارو، گمن موچي، خان اڄڻ، هاشم اوڍاڻو ۽ صاحب خان ڪٽوهر.
ساڳئي نالي سان روهڙي تعلقي ۾ هڪ ڳوٺ آباد آهي، جنهن ۾ 1000 کن ماڻهو رهن ٿا. هتي ڇوڪرن لاءِ پرائمري اسڪول موجود آهي.