ٻَنون: ٻني جو شھر ضلعي ٺٽي جي اوڀر سرحد وٽ سنڌو نديءَ جي کاٻي ڪپ مان ڦٽندڙ قديم پڃاري ڦاٽ جي کاٻي ڪپ تي واقع آھي ۽ چوڌاري بچاءَ بند اٿس. شھر جي اوڀر طرف بزرگ سيد پير ڏني شاھہ جي مزار آھي. اولھہ طرف پڃاري ڦاٽ تي اڏيل دروازن واري پل، جيڪا ھاڻي زبون آھي. پاڪستان کان اڳ آمد رفت درياھہ شاھہ ۽ پڃاريءَ وسيلي ٻيڙين ۾ ٿيندي ھئي. ھتي ھڪ سئو کان وڌيڪ ٻيڙيون ھونديون ھيون، جن وسيلي سکر، حيدرآباد، ٺٽي، ڪيٽي بندر ۽ پڃاري ڦاٽ تي دڙي، سجاول ۽ جاتيءَ سان واپار ٿيندو ھو. اناج، ڪاٺ، انب، گيھہ، کلون، چوپايو مال، پولٽري، کنئور ۽ ماکي وغيرہ روانگي مال ۾ شامل ھو، اصل شھر کي باھہ لڳڻ سبب انگريزن سال 1882ع ڌاري مقامي زميندار پير محمد عمراڻيءَ کان زمين عيوض زمين وٺي اتي نئين سر ڳوٺ ٻڌايو. ھتي ڊسپينسري، پرائمري اسڪول، ٿاڻو، ٻيلي کاتي جي آفيس، روينيو آفيس، پي. ڊبليو جي کاتي جو انسپيڪٽر بنگلو ۽ آفيس تعمير ٿيا. اڳي شھر ۾ ھڪ سئو کن دڪان ھئا. واپار ۽ گهڻي زمينداري ھندن وٽ ھئي. مسلم آباديءَ جو وڏو حصو ميربحرن جو ھو، گذران مڇيءَ جو شڪار ۽ نيويگيشن سامان ۽ مسافر آڻڻ ۽ نيڻ سان ھو. باقي ٻين جو گذر کيتيءَ ۽ گلي بانيءَ تي ھو. ھندن کان سواءِ شھر جا اصل رھاڪو، ميربحر، پليجا، عمراڻي، ميمڻ، موچي، مڱڻھار، عباسي ۽ سادات ھئا، جيڪي اڳوڻي ڳوٺ کاڻي ٻني جا رھاڪو ھئا .
ھتي چانورن جا ٻہ ڪارخانا پڻ ھئا، ٻہ مندر ۽ ٻہ مسجدون ۽ ھڪ عيد گاھہ ۽ جامع مسجد ۾ مدرسو قائم ھو. پاڪستان جي قيام سان ھندو ڀارت لڏي ويا. ھن وقت موجود ھندو جهمپير ۽ ٿاڻي بولا خان مان لڏي آيل آھن. موجودہ وقت ۾ اٽڪل چار سئو گهر آباد آھن، ھڪ ھاير سيڪنڊري اسڪول، ھڪ گرلس مڊل اسڪول، ھڪ بوائز ۽ ھڪ گرلس پرائمري اسڪول آھن، ھڪ بئنڪ پڻ قائم آھي. گذريل ويھن سالن کان زراعت ترقي ڪئي آھي. مکيہ فصل ڪمند آھي، تنھن کان سواءِ ساريون، سبزي، تيلي ٻج ۽ انبن جا فصل بہ ٿين ٿا. شھر ٻنون ساوڪ، سبزيءَ، آباديءَ ۽ وڻڪار سبب مشھور آھي. ھر گهر گهٽيءَ ۽ رستي وغيرہ تي نم، ٻير ۽ گدامڙي ۽ ٻٻر جا وڻ گهڻي تعداد ۾ موجود آھن، ھتي بڙ ۽ پپر جا وڻ بہ ٿين ٿا. ديويءَ جي تہ ڪمي ڪانھي. ٽڪاڻي وارا پپر جا وڻ، لھارن وارا نمن جا وڻ، عمر شيخ ۽ پاتڻين واريون آمريون تہ وڍجي ويون، البته شاھہ واريون آمريون ۽ ارباب عبدالحئي پليجي جي اوطاق واري پراڻي نم اڃا موجود آھي. شھر کان 3 ميل ڏکڻ ۾ ٻگهي نالي مشھور ڍنڍ موجود آھي، نامور سياستدان، قومي ڪارڪن ۽ زميندار ارباب نور محمد پليجو ھن ڳوٺ جو رھاڪو ھو ۽ ھن وقت سندس فرزند عبدالحئي پليجو مشھور اديب آھي، جنھن ڪيترائي سفرناما لکيا آھن، سنڌ جو مشھور ديني عالم مولانا حماد ﷲ ۽ مولانا محمد سليمان بہ ھتي جا رھاڪو ھئا. مشھور اديب ’سيف ٻنوي‘ بہ ھتي جو رھاڪو آھي. ھن وقت شھر پڪي رستي سبب وڏن شھرن حيدرآباد توڙي ڪراچيءَ سان ڳنڍيل آھي. ھتي ڪيتريون ئي سياسي، سماجي ۽ علمي ادبي تنظيمون آھن. ڳوٺ جي موجودگي ۽ بيھڪ بنسبت احوال سنڌي توڙي انگريزي ليکڪن جي ڪتابن ۾ موجود آھي .