ممتاز علي  ڀٽو

ممتاز علي ڀٽو

ممتاز علي ڀٽو

ممتاز علي ڀُٽو: مشھور سياستدان ممتاز علي ڀٽو 29 نومبر 1933ع تي ڳوٺ پير بخش ڀٽي ،ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. هو شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جو سئوٽ ۽ سنڌ نيشنل فرنٽ جو چيئرمئن هو. ماضيءَ ۾ پيپلزپارٽيءَجو ميمبر ،وفاقي وزير، گورنر ۽ سنڌ جو وڏو وزير بہ رهيو آهي. هن پرائمري تعليم پنھنجي اباڻي ڳوٺ ۽ باقي تعليم ميسور (ڀارت) مان حاصل ڪئي. 1959ع ۾’لنڪنس اِن‘ مان ’بار ايٽ لا ‘ڪيائين ۽ 1963ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس جي ڊگري ورتي. مارچ 1965ع ۾ 32 سالن جي عمر ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي 30 مارچ 1967ع تي پيپلز پارٽي ٺاهي تہ هي ان جو بنيادي ميمبر رهيو. 1970ع واري چونڊ ۾ قاضي فضل ﷲ جي سامھون هن اها چونڊ کٽي. 24 ڊسمبر 1971ع تي ذوالفقار علي ڀٽي کيس پهرين سنڌ جو گورنر ۽ پوءِ پهرين مئي 1972ع تي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير طور هن سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري زبان جو درجو ڏيڻ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ مان ائڪٽ پاس ڪرائي سنڌي زبان کي اسڪولن ۾ لازمي قرار ڏياريو ،پر ان جي ڪجهہ نام نهاد اردو دان طبقن طرفان مخالفت ٿيڻ سبب سنڌ ۾ لساني فساد ٿيا ۽ نتيجي طور مرڪز جي مداخلت تي مير رسول بخش ٽالپور، سنڌ جي گورنر طور سنڌيءَ سان گڏ اردوءَ کي بہ سنڌ جي ٻي سرڪاري زبان جو درجو ڏنو. ممتاز علي ڀٽو سٺي ايڊمنسٽريٽر طور مشھور ٿيو. 7 جنوري 1977ع تي ٿيل چونڊن ۾ هو هڪ دفعو وري قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو. 1977ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي کيس پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر مقرر ڪيو. ڀٽي صاحب جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد کيس ضياءُ الحق گرفتار ڪري ورتو .بعد ۾ هو ملڪ کان ٻاهر هليو ويو. 31 مارچ 1985ع تي هن لنڊن ۾ سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ جي نالي سان نئون اتحاد ٺاهيو ۽ پاڻ ان جو ڪنوينر مقرر ٿيو. مارچ 1989ع ۾ حيدرآباد ۾ هن ورڪرز ڪنوينشن ڪوٺايو، جنهن ۾ هن ’سنڌ نيشنل فرنٽ‘ جي نالي سان سنڌ سطح تي نئين پارٽيءَ جوڙي ،جنهن جو پاڻ چيئرمئن ٿيو. پاڪستان ۾ ڪنفيڊرل نظام قائم ڪرڻ هن پارٽيءَ جي منشور جو مکيہ نقطو آهي. 1993ع ۾ لاڙڪاڻي مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ 6 نومبر 1996ع تي جڏهن صدر فاروق احمد لغاريءَ بينظير ڀٽو جي حڪومت کي برطرف ڪيو تہ ان بعد ممتاز علي ڀٽي کي سنڌ جو نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کيس گهڻو ڀائيندو هو، کيس پنهنجو” ٽيلينٽِڊ ڪزن“ سڏيندو هو. ويجهي ماضيءَ ۾ ممتاز علي ڀُٽي شھيد بينظير ڀٽو جي پارٽي پاليسين سان اختلاف رکيا، جڏهن تہ موجودہ سنڌ حڪومت تي پڻ تنقيد ڪندو رهيو. شڪار جو شوقين ممتاز علي ڀٽو مطالعي جو ذوق بہ رکندو هو، ڪجهہ سال اڳ هن سنڌ جي قومپرست پارٽين سان گڏجي”سنڌ قومي اتحاد“ ٺاهيو، جيڪو پائدار ثابت نہ ٿيو. جڏهن تہ پنھنجي فرزند امير بخش ڀُٽي سان گڏ پنھنجي پارٽيءَ ”سنڌ نيشنل فرنٽ“ کي پڻ متحرڪ رکندو رهيو. 18 جولاءِ 2021ع تي ڪراچيءَ جي هڪ خانگي اسپتال ۾وفات ڪئي. کيس پنھنجي اباڻي قبرستان ميرپور ڀٽو ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ ممتاز علي ڀٽوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.11.29  عيسوي

ممتاز علي ڀٽو 29 نومبر 1933ع تي ڳوٺ پير بخش ڀٽي ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو


2021.07.18  عيسوي

ممتاز علي ڀٽي 18 جولاءِ 2021ع تي ڪراچيءَ جي هڪ خانگي اسپتال ۾وفات ڪئي. کيس پنھنجي اباڻي قبرستان ميرپور ڀٽو ۾ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀوڄ سنگهہ پهلاجاڻي
خواجہ احمد عباس
سنڌو راج
قربان منگي
جاويد جبار
ديبلي احمد بن محمد
ڄيٺانند ڀوڄراڄ پنجابي
آسو
فقير مير محمد نظاماڻي
عامر لطيف صديقي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون