مجازي جروار

مجازي جروار

مجازي جروار

مجازي جروار: مشھور شاعر مجازي جروار جو اصل نالو محمد رحيم ولد حاجي موسيٰ جراور آهي. 14 نومبر 1968ع تي ڳوٺ الھه بخش جروار، لڳ بُڪيرا شريف، ٽنڊي الھيار ۾ پيدا ٿيو. B.sc ۽ B.Ed. ڪرڻ کان پوءِ 1989ع ڌاري تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. کيس شروع کان ئي مطالعي جو شوق رهيو، جنھن جي آبياري ڪندي، هن پنھنجي ڳوٺ ۾ ‘شاھہ لطيف’ جي نالي سان هڪ ذاتي لائبرري پڻ قائم ڪئي. مطالعي ۾ شاعري، سندس پسند جو موضوع رهيو، تنھنڪري لکڻ جي شروعات بہ شاعريءَ سان ڪئي. سندس شاعري سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورن مشھور رسالن ‘ادب ’ ، ‘ڪينجهر’، ‘عبرت مئگزين’، ‘سوجهرو’، ‘سنڌ رويو’، ‘امرتا’، ‘ادب رچنا’ ۽ ‘گل ڦُل’ ۾ ڇپجي چڪي آهي. الھڏني جوڻيجي، صائمه منظور، مرڪ سومرو، دلبر جلال، ذوالفقار سولنگي، رضوان سولنگي، اداسي الھبچائي زنئور ۽ راجا رزاق ملاح سندس شاعريءَ کي ڳايو آهي. سندس شاعريءَ جو مجموعو ‘منھنجو من ڪشڪول’ ڪائنات پبليڪيشنز طرفان 2014ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. 2017ع ۾ تعليم کاتي مان رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ زمينداري ۽ ڪاروبار سان وابستہ آهي


لفظ مجازي جروارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.11.14  عيسوي

مشھور شاعر مجازي جروار جو اصل نالو محمد رحيم ولد حاجي موسيٰ جراور آهي. 14 نومبر 1968ع تي ڳوٺ الھه بخش جروار، لڳ بُڪيرا شريف، ٽنڊي الھيار ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عنصري
خليل عارف سومرو
بيوس رضوي
فقير فيض محمد فراقي
محمد محسن پاٽولي ٺٽوي
عرض محمد خان لغاري نواب
شاهن باڊاهي
شفيع احمد اوج علوي
ساحر راهو
ڏکايل غلام حيدر ڪلهوڙو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون