لڪي شاهه پتڻ: هي قديم پتڻ مسافرن جي اچ وڃ جو وسيلو رهيو آهي، لڪيءَ ۾ موجود مندرن تي به ياتري هن پتڻ وسيلي ايندا ويندا هئا. شِو يا چيٽيءَ چنڊ جي ميلي جي موقعي تي لڪي پتڻ کان لڪي تيرٿ تائين ماڻهن جون قطارون لڳل هونديون هيون. ان دور ۾ لڪي پتڻ جا پاتڻي درياهه تي وهندڙ ٻيڙين جو ساليانو ٺيڪو ڀريندا هئا. سيد صدر شاهه جي ميلي تي لَڪي پتڻ تي اچ وڃ هئي.