ڊاڪٽر لکو مل هيرانند هيراننداڻي

ڊاڪٽر لکو مل هيرانند هيراننداڻي

لکو مل هيرانند هيراننداڻي ڊاڪٽر

لکو مل هيرانند هيراننداڻي، ڊاڪٽر: ھندستان جو پھريون ENT سرجن ۽ ’پدم ڀوشڻ‘ ايوارڊ حاصل ڪندڙ ڊاڪٽر لکومل هيرانند ھيراننداڻي عام معروف ڊاڪٽر ايل. ايڇ. هيراننداڻي 17 سيپٽمبر 1917ع تي ٺٽي شھر ۾ جنم ورتو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم ٺٽي ۽ ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. هن ٺٽي ۾ جمناداس ڪاراڻي جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. بمبئي مان MBBS ۽ انگلنڊ مان نَڪ، ڪن ۽ ڳلي (ENT) جي شعبي ۾ ڊگري حاصل ڪري، بمبئي ۾ مستقل رھائش اختيار ڪيائين. 1947ع ۾ بي. واءِ. ايل اسپتال (بمبئي) ۾ ENT سرجن مقرر ٿيو. قائد اعظم محمد علي جناح ۽ بمبئي جو گورنر سَر جان ڪالون به هن کان علاج ڪرائيندا ھئا. 1972ع ۾ سندس ڪوششن سان مٿي ۽ ڳلي جي سرجري لاءِ هڪ ڌار شعبي جو بنياد وڌو ويو، جنھن جو نالو ’ڊاڪٽر هيراننداڻي ڊپارٽمينٽ آف اوٽلرنگالاجي Otolaryngology‘ رکيو ويو. هي پھريون ENT سرجن هو، جنھن کي 1988ع ۾ ’ڌنونتري ايوارڊ‘ سان نوازيو ويو. ان کانسواءِ پنھنجي فيلڊ جو هي پھريون ڊاڪٽر ۽ سنڌي هو، جنھن کي ’آمريڪن سوسائٽي آف نيڪ ائنڊ هيڊ سرجري‘ جو ميمبر چونڊيو ويو. کيس بين الاقوامي اوٽلرنگالاجي فيڊريشن طرفان ’گولڊن ايوارڊ‘ ۽ سارڪ (SAARC) سرجنز طرفان ’ملينئم اي اين ٽي‘ (ENT) جو لقب ڏنو ويو. طبي ميدان کان علاوه سياسي، سماجي ميدان ۾ بھتر خدمتون انجام ڏيڻ ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ به کيس 1993ع ۾ ’مولانا آزاد ايوارڊ‘ سان نوازيو ويو. هن حيدرآباد (سنڌ) سميت هندستان جي ڪيترن علائقن ۾ سماجي ڀلائي ۽ مفت طبي سھولتون فراهم ڪرڻ جا ڪيترا ئي ڪم ڪيا. ڊاڪٽر لکومل 1982ع ڌاري پاڪستان گهمڻ آيو ۽ ٺٽي (سنڌ) ۾ پنھنجي اباڻي گهر جو دورو پڻ ڪيو. پنھنجي شعبي ۾ تمام گهڻي مھارت ۽ شھرت سبب هندستاني حڪومت کيس ’پدم ڀوشڻ‘ ايوارڊ سان نوازيو. سندس سوانح حيات تي پروفيسر ڊاڪٽر سڀادرا آنند جو انگريزي ڪتاب ’Born to Heal‘ ڇپيل آهي. هن 5 سيپٽمبر 2013ع تي بمبئيءَ ۾ ديھانت ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1917.09.17  عيسوي

ھندستان جو پھريون ENT سرجن ۽ ’پدم ڀوشڻ‘ ايوارڊ حاصل ڪندڙ ڊاڪٽر لکومل هيرانند ھيراننداڻي عام معروف ڊاڪٽر ايل. ايڇ. هيراننداڻي 17 سيپٽمبر 1917ع تي ٺٽي شھر ۾ جنم ورتو.


2013.09.05  عيسوي

ڊاڪٽر لکومل هيرانند ھيراننداڻي 5 سيپٽمبر 2013ع تي بمبئيءَ ۾ ديھانت ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

طالش
ڄام ڪرارالدين
عبدالوحيد انڍڙ ڊاڪٽر
حسين بخش سخيراڻي
محمد اڪرم سمو
اختر جهوناڳڙهي
جارج اسٽئڪ ڪئپٽن
ايس اين ڦيرواڻي پروفيسر
حسن پٽ رڪن الدين خطاط
امداد علي سرائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون