
جتوئي لياقت علي
لياقت علي جتوئي: سياستدان لياقت علي خان ولد عبدالحميد خان جتوئيءَ جو جنم، 5 جنوري 1948ع تي دادوءَ ۾ ٿيو. سندس تعلق زميندار ۽ سياسي گهراڻي سان آهي. ايم اي (پوليٽيڪل سائنس) سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان 1970ع ۾ ڪري، ڪجهه وقت يونيورسٽيءَ ۾ استاد رهيو. 1977ع ۾ پھريون ڀيرو قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي چونڊجي ويو. جنرل ضياءَ پاران اسيمبليون ٽوڙڻ کان پوءِ 81-1980ع ۾ مجلس شورا جو ميمبر ٿيو. 1990ع جي چونڊن ۾ صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ تي چونڊيو ويو. ان دوران کيس خزاني جي صوبائي وزارت جي ذميواري سونپي وئي. جنھن دوران پاڻ نوازشريف جي مسلم ليگ ۾ اتحادي رهيو. 1997ع ۾ چونڊجڻ بعد سنڌ جو وزيراعليٰ بڻيو، جيڪو عھدو وٽس آڪٽوبر 1998ع تائين رهيو. 2002ع جي اليڪشن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. ان عرصي ۾ ترتيب وار صنعت، پاڻي ۽ بجليءَ جي وفاقي وزارت وٽس رهي. لياقت جتوئي جرنل پرويز مشرف جي اتحادي مسلم ليگ (ق) ۾ شامل ٿيو ۽ جنرل پرويز مشرف جي ويجهن ساٿين ۾ ليکجڻ ۾ آيو. 2013ع جي عام چونڊن ۾ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو.هن وقت دادو اتحاد جي پليٽ فارم تان سياسي سرگرمين ۾ مصروف عمل آهي.
1948.01.05 عيسوي
لياقت علي خان 5 جنوري 1948ع تي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو .