لغاري (ذات): رند قبيلي مان آهن. پاڙي ۾ رستماڻين، قيصراڻين ۽ مزارين جي هڪ پاڙي جو نالو پڻ ’لغاري‘ آهي. روايتن موجب هي مڪران مان آيل آهن، هڪ روايت موجب لغاري، رند آهن، جن جو شجرو جدا جدا آهي. روايت موجب لغاري بن شاهه علي بن حسين بن رمضان بن رند بن مير جلال خان آهي. ٻي روايت موجب لغاري لفظ ’ليغا‘ مان ورتل آهي. ليغا بن نوبت بن حسين بن رمضان بن رند بن مير جلال خان بلوچ. ’تاريخ بلوچستان‘ جي صفحي 37 تي لکيل آهي ته ابراهيم رند ڪنھن لاشاري عورت سان هم ڪلامي ڪئي، جنھن سبب مير چاڪر خان بلوچ هن تي ڪاوڙيو ۽ ابراهيم رند کي مارڻ جو حڪم ڪيائين، پر عورتن جي سفارش تي سندس جان بخشي ٿي. ان ڏينھن مير خان رند'>چاڪر خان رند، ابراهيم کي ’لغار‘ جو لقب ڏنو، جنھن کان پوءِ هن جو اولاد رند بجاءِ ’لغار‘ سڏبو هو. بعد ۾ لغار لفظ ڦري ’لغاري‘ ٿيو. ميجر گولڊ سمٿ پنھنجي ڪتاب گزيٽيئر ۾ لکي ٿو ته: ’لغار اصطلاح‘ فارسي لفظ ’لاغر‘ مان ورتل آهي. جنھن جي معنيٰ آهي هيڻو، نٻل يا سنھو. ڪيپٽن ليچ لکي ٿو ته: چاڪر خان هنن کي سندن ڪڇرائپ ۽ اڻ ڌوتل اوڇڻ پائڻ سببان لغار جو نالو ڏنو، جنھن جو مطلب ’غريب‘ ۽ ’ويچارو‘ آهي. اهو لغار لفظ ڦري لغاري ٿيو ۽ اهي ذات طور ’لغاري بلوچ‘ سڏيا ويا. هڪ اڀياس مطابق ايراني بلوچ علائقي ۾ ’لغار‘ هڪ علائقو آهي، ان لغار جي نسبت سان هنن بلوچن جو نالو لغار ۽ ليغا پيو. مير چاڪر خان جي وفات کان پوءِ لغار ۾ ڪجهه همٿ ٿي ۽ سندن چڱي مڙس جمال خان چوٽي رياست وسائي، جنھن کي ’تمن‘ سڏيو ويندو هو. لغاري تمن ۾ ڪي ٻيون بلوچ ذاتيون به آباد هيون، تمن جي اصولن موجب تمن جي رهائشي ذاتين کي ’لغاري‘ سڏائڻ لازمي هو، ائين جيئن ٻين بلوچ قبيلن جي تمن ۾ رائج هو. لغارين جا ڪي پاڙا قلات، خيبرپختونخواهه ۽ موجوده ڊيرا غازي خان ڊويزن کان لڏپلاڻ ڪري اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا. پر هن وقت به لغاري سردارن جي علائقي يعني ڊيراغازي خان ۾ وڏي تعداد ۾ لغاري رهن ٿا. هي ڪلهوڙن پاران جنگين ۾ وڙهيا ۽ ٽالپرن جي دور ۾ سندن امير هئا. ٽالپرن لغارين جي هڪ خاص پاڙي کي نواب جو لقب ڏنو، جن مان نواب ولي محمد خان لغاري نھايت مشھور هو. جنھن کي ٽالپرن جي حڪومت ۾ وزيراعظم جو عھدو ڏنل هو. جيڪي تاجپور هاڻوڪي ضلعي ٽنڊي الھيار ۾ آباد آهن. لغارين کي ٽالپرن پاران جاگيرون پڻ مليون. ڪتاب ’پنجاب ڪي ذاتين‘ (ڊينزل ايبسٽن / ترجمو: ياسر جواد) ۽ ڪتاب ’بلوچ‘ (ايم. ڪي پيڪولن / ترجمو: شاهه محمد مري) ۾ ڄاڻايل آهي ته لغاري اصل ۾ رند قبيلو هو، جنھن جو شجرو ۽ حسب نسب رند جي پٽ نوبت خان (نيابت) سان ملي ٿو. هن وقت هي رندن کان هڪ الڳ قبيلو ليکجي ٿو. سندن شجرو هن طرح آهي: مير جلال خان بلوچ مان مير رند خان مان مير رمضان خان مان مير حسين خان مان مير نوبت خان مير نوبت خان مان ابراهيم (لقب ليغار- لغار، جنھن مان ٿيا لغاري). لغارين جي وڏن مان غازي خان لغاري بلوچ تمن سردار هو. سندس نالي پٺيان هن وقت ديرو غازي خان مشھور شھر ۽ پنجاب جي هڪ ڊويزن آهي. لغارين جي سنڌ آمد کي گهٽ ۾ گهٽ پنج سو سال گذريا هوندا، جيڪي ٽالپر جرنيلن جي ڪمان ۾ هئا. ٽالپر ڪلهوڙن جا جرنيل هئا، ٽالپرن هڪ غلط فيصلي سبب ڪلهوڙن کان بغاوت ڪئي ۽ ڪلهوڙن جو تختو اونڌو ڪري سنڌ جي تخت جا والي ٿيا. بالاچاڻي، چڱواڻي، هيباڻي، سيرڪاڻي ۽ عالياڻي نھايت مشھور هئا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جيڪو خود چڱواڻي لغاري هو، لغارين جا مُک ست پاڙا لکيا آهن ۽ پروفيسر ڊاڪٽر غلام حيدر ٻرڙي پڻ ستن پاڙن جو ذڪر ڪيو آهي. لغارين جي پاڙن جو تفصيل هيٺين ريت ملي ٿو: آدماڻي، آرکاڻي، آلواڻي، احمداڻي، الھه بخشاڻي، الھياراڻي، بالاچاڻي، بجاراڻي، بدوئي، براهاڻي، براهماڻي، بزيراڻي، بنگلاڻي، بوزدار- بزدار، بھلولاڻي، بيگ، ڀرڳڙي، ٽرنگري، ڇتاڻي، ڇٽاڻي، جلالاڻي، حاجي خاناڻي، حاصلاڻي، حسناڻي، الوداڻي، حلباڻي، خدر، داداڻي، دتراڻي، دلواڻي، دوداڻي، دوستلاڻي، دولتاڻي، رستماڻي، رندواڻي، رانجهاڻي، راڻياڻي، رٿاڻي، ساجناڻي، سريوال، سھراباڻي، سيرڪاڻي، سنجراڻي، شيراڻي، عالياڻي، عيساڻي، علوداڻي، فرڪارا، فريداڻي، قلندراڻي، ڪالواڻي، ڪڇائي، ڪرڪلي، ڪلوئي، گلياڻي، ماڻڪاڻي، مٿواڻي، محبتاڻي، محمداڻي، مڱڻاڻي، ملخاڻي، ملڪاڻي، مندراڻي، مندواڻي، منڪاڻي، موندراڻي، ميرواڻي، نظاماڻي، ننگراڻي، نورنگاڻي، نوري، نهراڻي، هدياڻي، هڏوار، هئبتاڻي- هيبتاڻي، باهوواڻي، بچلاڻي، ٻَڍاڻي، ٻلاڻي، مريداڻي، ميراڻي، مٺياڻي، مرناڻي، مندواڻي، مسواڻي، مورياڻي، مراداڻي، ٻاجهاڻي، ڀورڙيو، ٺاراڻي، پناهگير، پناهاڻي، جاداڻي، جڙواڻي، جعفراڻي، جلباڻي، حسراڻي، خضراڻي، داداڻي، دائماڻي، درگاهي، ڌپ سڙيا، راڻائي، راوتاڻي، رمداڻي، ريڍر، سرپرست، سوناڻي، شاهواڻي، شاهڪاڻي، شھڪاڻي، شھاڻي، شھلاڻي، صاحباڻي، صحبتاڻي، فقيراڻي، قمبراڻي، گاجاڻي، گاڏهي، گُرماڻي، گنجاڻي، لاکاڻي، لالياڻي، ميروواڻي ۽ وڪيلاڻي ۽ ڦيرواڻي.