لاک

لاک: مختلف وڻن تي رهندڙ هڪ جيت جي بدني رطوبت مان ٺھي ٿي، لاک جو ڪينئون ڪوڪيڊا آڪھه سان ننڍڙن ولرن ۾ رهندڙ ۽ ساڻس جڙيل جيت آهي، جيڪو سائي مک، ٿرپ ۽ باغن جي ٻين جيتن جيان، وڻن جي رسدار ٽارين تي گذران ڪري ٿو. لاک ٺوس، تاندورا نموني، ڳاڙهي رنگ تي ٿئي ٿي، جيڪا مادي پاڻ کي ۽ پنھنجي آنن کي بچائڻ لاءِ رطوبت منجهان ٺاهي ٿي. جڏهن هوءَ مري وڃي ٿي ته ان جو جسم ڳاڙهي موادَ سان ڀرجي وڃي ٿو، جنھن مان لاک پيدا ٿئي ٿي. هي جيت هن سان پنھنجي ڄمندڙ ننڍڙن ڪينئن کي غذا پھچائيندو آهي، جيڪي ان تھه جي ۽ پوءِ لاک جي تھه مان ٻاهر نڪريو اچن، جيڪي وري پاڻ ٽاريءَ تي رهي، پنھنجي طور رطوبت مان لاک ٺاهڻ شروع ڪن ٿا. اُهي جولاءِ ۽ جنوري وارن مھينن ۾ ننڍڙا لاک جا ڪينئان ڦُٽن ٿا. اهڙيءَ ريت لاک سھيڙڻ جا صرف ٻه مھينا آهن، ان ڪري لاک کي ڪينئن طرفان بگاڙڻ کان اڳ لاٿو وڃي ٿو.
لاک لڳل انهن ٽارين تان لاک لاٿي ويندي آهي. لاک لاهڻ لاءِ احتياط سان رهڙڻ، ڪُٽڻ ۽ رنگ کي محفوظ ڪرڻ کان پوءِ لاک کي پگهاريو وڃي ٿو. گهڻن وڻن جي ٽارين تان رهڙي لاهڻ جي ڪري لاک لفظ عام طور محاوري ۾ به استعمال ٿيندو رهيو آهي، خاص ڪري ٻھراڙيءَ ۾ دڙڪو ڏيندي، چيو ويندو آهي ته: ’لاک لاهي ڇڏينديسانءِ‘ يا ’لاک لاهي ڇڏيندوسانءِ‘ وغيره.
لاک کي وڻن جي ڇوڏي تان لاهي پيٺو وڃي ٿو ۽ پوءِ ڇاڻي صاف ڪيو وڃي ٿو. وڻن مان حاصل ٿيندڙ لاک ڪيترن ئي رنگن ۾ ڪتب ايندي آهي. لاک جو رنگ پڪو ٿيندو آهي، جنھن ڪري ڪاٺ جي درن درين واري رنگ ۾ هن جو استعمال گهڻو ٿئي ٿو. لاک کي ڪيترن ئي شاعرن پڻ ڳايو آهي، شيخ اياز لاک کي هن ريت پنھنجي شاعريءَ ۾ محفوظ ڪيو آهي:
’مون سھڻا تنھنجي ساک کنئي ۽ لوئي تنھنجي لاک هنئي‘


لفظ لاکھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو