لانياريءَ جي جنگ: هيءَ جنگ ميان غلام نبي خان ڪلهوڙي ۽ مير خان ٽالپر'>بجار خان ٽالپر جي وچ ۾ 1190هه/1776ع ۾ تعلقي شھدادپور جي لانياريءَ واري ميدان تي لڳي هئي. هن جنگ لڳڻ جو اصل سبب ميان سرفراز خان ڪلهوڙي جو راڄو ليکيءَ جي چوڻ تي مير بھرام خان ٽالپر ۽ سندس پٽ مير صوبدار خان کي درٻار ۾ سڏائي بيگناهه قتل ڪرائڻ هو. مير بھرام جو ٻيو فرزند مير خان ٽالپر'>بجار خان ٽالپر حج تي ويل هو، جنھن ڪري سڀ ٽالپر خاموش ٿي، مير بجار جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا. مير بجار خان جڏهن حج ڪري واپس سنڌ پھتو، تڏهن راڄو ليکي ڊپ وچان زهر کائي، خودڪشي ڪري ڇڏي. جيئن ته سڀئي مير انتقامي ڪارروائي ڪرڻ تي متفق هئا، پر مير بجار خان مصلحت ڪندي، ڪا به انتقامي ڪارروائي ڪرڻ کي ترڪ ڪري عمرڪوٽ طرف هليو ويو. عمرڪوٽ واري قلعي ۾ کوسا قبيلي جا ماڻهو ويٺل هئا، جن کي تاجو ليکيءَ ٺاهه ڪرڻ جا ڪوڙا اعتبار ڏيئي، وڏي سازش ڪري مير بجار کان قلعو خالي ڪرايو، پوءِ هڪدم هٿياربند کوسن کي آڻي وهاريائين. ٻن مھينن
کان پوءِ ميان غلام نبي فوج وٺي جنگ لاءِ نڪتو آهي.
ميان غلام نبي، تاجو ليکيءَ جي چوڻ تي تعلقي شھدادپور جي لانياريءَ واري ميدان ۾ 30 هزار فوج وٺي اچي خيما کوڙيا. مير بجار به جنگ لاءِ تيار ٿيو. مير بجار جي لشڪر ۾ مير فتح خان، مير سھراب خان، مير الھيار خان، مير مرزو خان، مير باگو خان ۽ مير ٺارو خان هئا. ٻنهي ڌُرين ۾ زبردست جنگ لڳي، جنگ هلندي رهي تان جو ميان غلام نبي خان جي لشڪر ۾ ان وقت ڦڙ ڦوٽ پئجي وئي. جنھن وقت پيروز پتافي وڙهندي مارجي ويو. ميان غلام نبيءَ جڏهن اهو حال ڏٺو ته، پنھنجي خاص خدمتگارن مان هڪ ٻن کي قرآن شريف ڏيئي، مير خان ٽالپر'>بجار خان ٽالپر ڏانھن نياپو اماڻيائين ته: ”اي دانشور مير! آئون هنن ماڻهن جي هٿ ۾ قيد آهيان، مون کي هن مصيبت مان ڇوٽڪارو ڏيار ۽ منھنجي طرفان خدا جي هن پاڪ ڪلام کي شفيع سمجهه“. ميان غلام نبي اهو نياپو ڳجهي نموني مير بجار ڏانھن موڪليو، جڏهن تاجو ليکيءَ کي انهيءَ نياپي جي خبر پئي، ته ڪاوڙ ۾ اچي ميان غلام نبيءَ کي قتل ڪري ڇڏيائين. ميان صاحب کي قتل ڪرڻ کان پوءِ، تاجو پنھنجن ماڻهن جي هڪ ٽوليءَ کي ساڻ ڪري درياهه ڏانھن ڀڳو ۽ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي شاهه ڳڙهه وڃي پھتو. مير عظيم الدين ٺٽويءَ ’شڪستِ شقي‘ (1190هه) مان جنگ جو سن ۽ ميان غلام نبيءَ جي قتل جي تاريخ ڪڍي آهي.
چو بگريخت آن خبر پرستِ شقي،
دلم گفت سالش، ”شڪستِ شقي“.
1190هه
مير بجار کي جڏهن سُڌ پئي ته ميان غلام نبي خان. تاجو ليکيءَ جي هٿان قتل ٿي ويو آهي، تڏهن کيس ڏاڍو ارمان ٿيو. مير بجار اتي وڃي ميان صاحب جو لاش تابوت ۾ رکائي، حيدرآباد روانو ڪيو ۽ فوج جي هڪ جٿي کي تاجو ليکيءَ جي گرفتاريءَ لاءِ مقرر ڪيائين.
ميان غلام نبيءَ جي وفات کان پوءِ مير بجار خان ارادو ڪيو ته، ميان سرفراز خان کي قيد مان ڪڍي، تخت تي ويھارجي. اڃا مير بجار خان اهو سوچيو ئي پئي ته، اچانڪ ڄاڻ مليس ته ميان عبدالنبي قلعي ۾ ميان سرفراز خان، ان جي پٽ ميان محمد خان، ڀاءُ ميان محمود خان ۽ چاچي عطر خان کي قتل ڪرائي ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته ميان عبدالنبيءَ کي پڪ هئي ته، مير بجار خان تخت تي، ميان سرفراز خان کي ويھاريندو. اهو افسوسناڪ واقعو ٻُڌي مير بجار خان کي دلي صدمو پھتو، پر مجبور ٿي مير بجار خان تخت تي ميان عبدالنبيءَ کي ويھاريو. ائين لانياريءَ واري جنگ ۾ مير بجار فتح حاصل ڪئي پر پاڻ حڪومت هٿ ڪرڻ بجاءِ ڪلهوڙن جي خاندان مان ئي ميان عبدالنبيءَ کي تخت تي ويھاريائين.