جڳتياڻي لالچند امرڏنو مل

جڳتياڻي لالچند امرڏنو مل

لالچند امرڏنو مل جڳتياڻي

لالچند امرڏنو مل جڳتياڻي: سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو ناليوارو عالم، اديب، نقاد ۽ محقق لالچند امرڏنو مل جڳتياڻي، حيدرآباد سنڌ ۾ 25 جنوري 1885ع ۾ ڄائو. عجيب اتفاق’ آهي ته انڊين نيشنل ڪانگريس به ساڳئي سال قائم ٿي ۽ سنڌ جو ٻيو نامور عالم ڄيٺمل پرسرام به ساڳئي سال ڄائو. لالچند کي سنڌي گهر ۾ پڙهائي وئي. ان کان پوءِ هيرانند اڪيڊمي هيرآباد، حيدرآباد ۾ مئٽرڪ تائين سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ تعليم ورتائين، هن مئٽرڪ 1903ع ۾ پاس ڪئي ۽ 1904ع ۾ ڪاليج ۾ داخل ٿيو. پڙهندو به هو ۽ نوڪري به ڪندو هو. 1918ع تائين ائين ڪيائين، ڪجهه وقت سنڌ مدرسي ۾ ماستري ڪيائين ۽ ڪجهه وقت پروفيسر ٿي رهيو، سنڌ جو نامور عالم ۽ دانشور محمد ابراهيم جويو سندس شاگردن مان آهي. لالچند صوفي منش، صاف دل، محب وطن ۽ بي تعصب ماڻهو هو. سنڌي ادب جي تمام وڏي خدمت ڪيائين. هيءُ ’ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ‘ سان به لاڳاپيل هو. جتي دادا ڄيٺمل سان سندس دوستي ٿي ۽ اها دوستي اڳتي هلي مائٽيءَ ۾ بدلجي وئي، سندس نياڻيءَ ستيءَ جو وهانءُ ڄيٺمل جي فرزند، رام سان ٿيو. 1930ع ڌاري لالچند، ڄيٺمل پرسرام ۽ ٻين سان گڏجي ’سنڌي ساهت سوسائٽي‘ برپا ڪئي، جڏهن 1930ع ۾ سنڌ هاري ڪميٽي ميرپورخاص ۾ ٺھي ته پاڻ سائين جي. ايم. سيد ۽ ڄيٺمل پرسرام سان گڏ ان گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيو، جڏهن شاهه لطيف جي پھرين ورسي 1932ع ۾ ميران محمد شاهه، ڀٽ شاهه ۾ سڏائي ته پاڻ جي. ايم. سيد ۽ ڄيٺمل پرسرام سان گڏ ان ۾شامل ٿيو هو. لالچند جي، جي. ايم. سيد سان ملاقات ۽ واقفيت مٿين گڏجاڻين دوران ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ ۾ ٿي، جڏهن 1940ع ۾ جي. ايم. سيد تعليم کاتي جو وزير ٿيو ۽ هن سنڌي ساهت لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ قائم ڪيو ته ان بورڊ ۾ لالچند امر ڏني مل اسسٽنٽ سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيو. ان وقت سنڌي لغت کي تيار ڪرڻ لاءِ جيڪا ڪاميٽي مقرر ڪئي وئي هئي، ان جو به هن اسسٽنٽ سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيو، ان ڪميٽيءَ جي ميمبرن ۾ ناميارا اديب ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، ڄيٺمل پرسرام، عثمان علي انصاري ۽ ٻيا شامل هئا. هنن الف- ب جي پھرين چئن اکرن تي ابتدائي ڪم ڪيو ۽ ورهاڱي بعد پوءِ اها لغت اڳتي هلي سنڌي ادبي بورڊ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻين اديبن کان تيار ڪرائي ويئي. لالچند امرڏني مل ڪانگريس هلچل ۾ به حصو ورتو، جنھنڪري 1922ع ۾ جيل به ويو، جيل ۾ اندر ۽ ٻاهر هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان هيٺيان مکيه آهن: (1) سدا گلاب (ٽئگور جي ڪتاب باغبان (Gardner) جي نثري نظمن جو نثري ترجمو)، (2) سون ورنيون دليون (Hearts of Gold: By: I. Edhor) جنھن جا چار ڇاپا 1956ع، 1976ع، 1979ع ۽ 1992ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي پڌرا ڪيا آهن. (3) سچ تان صدقي، (4) ڪشنيءَ جو ڪَشٽ، (5) ڦلن مٺ، (6) برونو (مشھور سائنسدان برونو جي حيـاتيءَ تـي لکيـل ڪتـاب)، (7) ڏکن ڏُڌي زندگي، (8) حر مکيءَ جا (ڪھاڻي)، (9) رام بادشاهه، (10) پريم جو ٻَلُ (ٻه ڀاڱا)، (11) لڳ ننڍو جيءُ گهڻو، (12) ماتمين کي دلداري، (13) محمد رسول الله ﷺ (حضور پاڪ ﷺ جي زندگيءَ تي آڌاريل ڪتاب)، (14) شاهاڻو شاهه (شاهه لـطيـف بابت مختلف مضمون)، (15) سچل سرمست (16 بيـرنـگــي بـاغ جو گل (ٻه ڀاڱا)، (17) مسافريءَ جو مزو، (18) سنڌي چمن، (19) سُر ڪيڏارو (اڀياس)، (20) سيڻ ڪي ويڻ، (21) نقد ڌرم (ناٽڪ)، (22) عمر ماروي (ناٽڪ)، (23) سھڻي ميھار (ناٽڪ)، (24) هندستان جي تاريخ، (25) مـاڻـڪ مـوتي لـعـل، (26) ميـران (ناٽڪ)، (27) شــاهه جـا ڪـي سُـر، (28) ساميءَ جا سلوڪ. ان کانسواءِ سندس ٻيا ڪتاب به چيا وڃن ٿا، جھڙوڪ: (1) سنڌي ٻوليءَ جو نچوڙ، (2) جيل جي ڊائري، (3) ننڍڙا ناٽڪ، (4) چوٿ جو چنڊ وغيره. لالچند امرڏنومل سون ورني دل جو مالڪ هو. ٻارن سان پيار ڪندڙ، يارن جو يار، دشمنن جو سڄڻ، حق گو، کلمُک، سادو پر خوش ذوق، هر مذهب جي ماڻهن کي عزت ڏيندڙ انسان هو. هن ورهاڱي کان اڳ ڪجهه وقت ’مھراڻ‘ رسالو به هلايو، جيڪو اڳتي هلي سنڌي ادبي بورڊ 1951ع ۾ نئين سري سان شروع ڪيو. پاڪستان ٺھڻ بعد ٻين ڪيترن اديبن سان گڏ هـيءُ به ڀڳيءَ دل سان ڀارت لڏي ويو. سنڌ مان وڃڻ تي هرگز دل ڪانه هيس، پر مجبوريءَ کيس پرڏيھه جا وڻ ڏيکاريا. سنڌ سان کيس الستي محبت هئي. جڏهن 18 اپريل 1954ع تي وفات ٿي ڪيائين تڏهن وصيت ڪيائين ته ”ميائي جياس، جي نيو مڙهه ملير ڏي“. منھنجون هاٺيون پياري سنڌو درياهه ۾ پرواهه ڪجو. اها ئي منھنجي گنگا آهي، اها ئي جمنا. جسم هتي اٿم، روح سنڌ ۾ اٿم، اهو ئي منھنجو سَرڳ آهي، اهو ئي منھنجو مقصود! سندس وصيت موجب سندس سنک 12 ڊسمبر 1955ع تي سنڌ ۾ موڪليا ويا، جيڪي 18 اپريل 1956ع ۾موجوده حسين آباد (گدو بندر) وٽان سنڌو درياهه ۾ پرواهه ڪيا ويا، جنھن ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي سربراهه محمد ابراهيم جويي سان گڏ سنڌي مسلم ۽ هندو اديبن هن تقريب ۾ حصو ورتو، ان موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ سندس ئي ترجمو ڪيل ڪتاب ’سون ورنيون دليون‘ ڇپائي کيس ڀيٽا پيش ڪئي هئي. هن ڪتاب جا 1925ع ۽ 1928ع ۾ نئين سنڌي لائبريريءَ پاران پھريان ٻه ڇاپا ڇپجي چڪا هئا.


لفظ لالچند امرڏنو مل جڳتياڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1885.01.25  عيسوي

لالچند امرڏنو مل جڳتياڻي ، حيدرآباد سنڌ ۾ 25 جنوري 1885ع ۾ ڄائو .


1954.04.18  عيسوي

امرڏني مل 18 اپريل 1954ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رياض منگي
شھاب الدين غوري
جاويد شبير
صبيحه مغل ڊاڪٽر
در محمد گائنچو
حميد عظيم آبادي
آنند
ڀرپور شاھہ
جعفر صادق عليہ السلام امام
سيد لال شاھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون