لاشاري

لاشاري (ذات): بلوچ قوم جي اوائلي سردار مير جلال خان جي ٽئين پٽ لاشار جي اولاد کي لاشاري چيو وڃي ٿو. هي سڄي سنڌ ۾ آڳاٽي دور کان موجود رهيا آهن. مغلن جي بادشاهه همايون جي دور ۾ رياست گندا واهه وٽ مير گھرام خان لاشاريءَ پنھنجي سربراهيءَ ۾ علائقي کي سنڌ جي ڄامن کان فتح ڪيو. اهڙي طرح مير جلال خان جي ٻئي پٽ رند جي اولاد مان خان رند'>چاڪر خان رند سوي(سبي) تي قبضو ڪيو. هنن جي راڄڌانيءَ کي مغل حڪمرانن قبول ڪري ورتو. اڳتي هلي رند لاشار قبيلن ۾ خانداني اختلافن سبب خوني ويڙهه ٿي، جيڪا لاڳيتو ٽيھه سال جاري رهي. نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جو وڏو نقصان ٿيو. شاهه بيگ ارغون جي پي ذوالنون ارغون جي مداخلت سبب جنگ جو خاتمو ٿيو. چاڪر اعظم رند پنجاب طرف ست گهري ڏانهن هجرت ڪري ويو. مير گھرام خان لاشاري وڃي راجسٿان وسايو. اهڙي طرح بلوچن جا مختلف قبيلا موجوده پاڪستان ۽ هندستان جي ڪجهه علائقن تائين پکڙجي ويا. بلوچ جتي به ويا انهن اتي پنھنجا قدر ته برقرار رکيا پر ان علائقي جي ٻولي ۽ ڌرتيءَ کي پڻ مادري ٻوليءَ جو درجو ڏنائون. لاشاري اڄ به پاڪستان جي چئني صوبن سميت ايران، افغانستان توڙي راجستان تائين پکڙيل آهن، جيڪي هر علائقي ۾ اتان جي ٻولي ڳالهائين ٿا.
رندن ۽ لاشارين جي جنگ جي نتيجي ۾ لاشارين جا جنگجو وڏي تعداد ۾ مارجي ويا پر بلوچي قدرن مطابق ننڍن ٻارن ۽ عورتن تي مخالفن هٿ نه کنيو. انهيءَ ڪري انهن ننڍن ٻارن ۽ عورتن جي پيڙهين مان پيدا ٿيل لاشارين کي چُک لاشاري چيو وڃي ٿو. لفظ چُک جو مطلب ننڍڙو ٻار آهي.
بلوچ قبيلي جو اوائلي سردار مير جلال هان چوئيتاليھه بلوچ نکن جو سردار هو. کيس چار پٽ ۽ هڪ ڌيءَ جو اولاد هو. چار پٽ ’مير هوت خان‘، ’مير رند خان‘، ’مير لاشار خان‘، ’مير ڪورائي خان‘ هئا، سندس ڌيءَ جو نالو ’جتو‘ هيو. جنھن جو اولاد اڄ جتوئي سڏجي ٿو. بلوچن ۾ هوت، رند، لاشاري ۽ ڪورائي قبيلن کي سردار زاده هجڻ سبب خاص حيثيت حاصل آهي. مير گهرام خان جي اولاد مان چار مُک پاڙا: چُک لاشاري گلڻ زئي، چُک لاشاري رامي زئي، چُک لاشاري عالي زئي ۽ چُک لاشاري سعد زئي آهن. گلڻ خان، رامڻ خان، عالي خان ۽ سعد خان مير گھرام جا پُٽ هئا. عالي خان سان گڏ جيڪي ماڻهو ٻارين ٻچين آيا، اهي سونڊا ۽ ٺٽي ۾ رهيا. چک لاشاري گلڻ زئي وارا بلوچستان جي علائقي ’ڇٽ‘ مان ٿيندا سنڌ ۾ جيڪب آباد واري پاسي رهائش پذير ٿيا. رامڻ خان جي اولاد مان راميزئي، مير گھرام خان سان گڏجي راجستان ويا. انهن مک پاڙن کان علاوه لاشارين جا، برماڻي، گھراماڻي، جلالاڻي، ڪولاچي، ڪنڌر، شاهاڻي ۽ ٻيا ڪيترائي ننڍا ننڍا پاڙا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو