قنبر

قنبر (شھر): هي قنبر-شھدادڪوٽ ضلعي جو مُک شھر آهي. هن شھر جو بنياد ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ قنبر علي خان 25-1720ع ۾ وڌو هو. جيڪو ذات جو گوپانگ هو. ان ئي دور ۾ هن شھر چڱي ترقي ڪئي ۽ واپار جو مرڪز بڻيو. قنبر شھر جي نالي بابت ٻہ روايتون ملن ٿيون، هڪ روايت موجب ڪلهوڙن جي دور ۾ قنبر علي نالي هڪ شخص موجودہ قنبر شھر لڳ اولھہ ۾ هڪ وڏي چوڪ تي ڪنڊين جي وڏن ۽ گهاٽن وڻن هيٺان پاڻيءَ جا مٽ ڀري رکندو هو، ايندڙ ويندڙ مسافر پاڻي پيئندا هئا ۽ پنھنجن وَهٽن کي بہ پاڻي پياريندا هئا. ڪجهہ وقت ڊاٻي ڪرڻ کان پوءِ وري پنھنجي منزل ڏانھن اسھندا هئا. مختلف رستن جي وچ تي ۽ ڪنڊين جي وڻن هيٺان قنبر علي خان جي بيٺڪ هجڻ ڪري هي شھر آهستي آهستي قنبر ڪنڊي جي نالي سان مشھور ٿيو. ٻي روايت موجب: قنبر خان، عيسيٰ خان ڪلهوڙي (1705- 1647ع) جو ننڍو ڀاءُ هو. ڪلهوڙن جي ايامڪاريءَ ۾ موجودہ قنبر جي اتر_اوڀر طرف ٽن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڳوٺ عيسيٰ ڪلهوڙي ۾ پنھنجي خاندان سان گڏ رهندو هو. 06-1705ع ڌاري عيسيٰ خان جي وفات کان پوءِ قنبر خان هاڻوڪي ماڳ قنبر ۾ آباد ٿيو، جنھن جي نالي سان قنبر شھر مشھور ٿيو. قنبر ۽ عيسيٰ خان جي نالي پٺيان ڳجهارت يا چوڻي بہ مشھور هئي: ’عيسو وڏو يا قنبر وڏو؟‘ ان جي ڀڃڻي ٻڌائين ٿا تہ: ’عمر ۾ عيسو وڏو پر شھر ۾ قنبر وڏو.‘ ميرن جي دور جي پڄاڻيءَ کان ٻئي سال يعني 1845ع ۾ هن شھر کي باھہ لڳي، جنھنڪري شھر جو ڪافي نقصان ٿيو. انگريزن جي دور ۾ 1862ع ۾ قنبر کي ميونسپالٽيءَ جو درجو مليو، جنھن کان پوءِ ترت ئي تعلقي جو درجو ڏئي ضلعي شڪارپور سان ڳنڍيو ويو. 01 آگسٽ 1901ع تي لاڙڪاڻي جي ضلعي ٿيڻ کا نپوءِ تعلقي قنبر کي ان ۾ شامل ڪيو ويو. ان وقت روينيو کاتي جي دستاويزي لکتن ۾ ’قنبر‘ ۽ عام لکتن ۾ ’قنبر ڪنڊي‘ لکيو ۽ پڙهيو ويندو هو. هن شھر قنبر کي ڪنڊي انھيءَ ڪري چيو ويندو هو جو انھن ڏينھن ۾ اتي ڪنڊين جا وڻ گهڻا ٿيندا هئا. لاڙڪاڻي ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ عام لکتن ۾ ’قنبر ڪنڊي‘ بجاءِ ’قنبر‘ لکجڻ ۾ آيو. هن وقت روينيو کاتي ۾ ’قنبر‘ درج آهي پر مقامي طور ’قنبر علي خان‘ سڏجي ٿو. ريلوي اسٽيشن بہ ’قنبر علي خان‘ جي نالي سان آهي. انگريز دور ۾ پرائمري ۽ انگريزي تعليم ڏيڻ لاءِ اسڪولن جو بنياد رکيو ويو. 1923ع ۾ قنبر شھر جي سروي ڪئي وئي ۽ سٽي سرويئر مقرر ڪيو ويو. قنبر جو ٽپال گهر بہ انگريز دور ۾ قائم ٿيو.
سن 1942ع ۽ 1947ع ۾ هتي ٻہ وڏيون ٻوڏون آيون، جن ڪافي تباهي ڪئي. 1947ع کان پوءِ قنبر ۾ پڪا روڊ رستا ۽ بجليءَ جي سھولت پڻ فراهم ڪئي وئي. سن 1950ع ۾ تعلقي اسپتال قنبر جو بنياد پيو ۽ 1960ع ۾ فون جي سھولت ملي. صدر ايوب خان جي دور ۾ هتي زراعت کي جيتن کان بچائڻ لاءِ ڦوهاري وارن جهازن جو اڏو ٺاهيو ويو هو، جيڪو پوءِ 1975ع ۾ ختم ڪيو ويو. 1964ع ۾ هتي نيشنل بئنڪ جي شاخ ۽ 1972ع ۾زرعي ترقياتي بئنڪ جي شاخ قائم ٿي. 96-1995ع ۾ هتي گئس مھيا ڪئي وئي. ان کان گهڻو اڳ 1899ع ۾ هتي هڪ مڊل اسڪول قائم ٿيو، جيڪو اڳتي هلي هاءِ اسڪول ٿيو، انگريز دؤر ۾ هتي هڪ لائبريري هوندي هئي جنھن کي ’پوليس لائبريري‘ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. هن وقت شھر ۾ ڪيترائي اسڪول، ڪاليج ۽ لائبريريون موجود آهن. قمبر کي هن وقت تعلقي جو درجو آهي ۽ ضلعي قنبر-شھدادڪوٽ هجڻ سبب ضلعي جون ڪيتريون ئي آفيسون قنبر ۾ آهن.


لفظ قنبرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو