
ڌامراهه، قاضي محمد بخش
قاضي محمد بخش ڌامراھ: نامور سياستدان قاضي محمد بخش ڌامراھہ، ڳوٺ آدم خان ڌامراھہ، ضلعي نوابشاھہ (بينظيرآباد) ۾ 1933ع ڌاري جنم ورتو. ابتدائي تعليم پهرين مسجد اسڪول حاجي لقمان ڪيريي ۽ بعد ۾ شاهپور چاڪر مان؛ سيڪنڊري تعليم لوڪلبورڊ هاءِ اسڪول نوابشاھہ مان؛ بي. اي سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان ڪيائين ۽ قانون جي تعليم ايس. ايم. لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ورتائين. قاضي محمد بخش ڌامراھہ 67-1966ع ۾ يونين ڪائونسل گپچاڻيءَ جو چيئرمئن رهيو. 1967ع ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي، صدر ايوب خان جي وزارت تان استعيفا ڏئي پيپلز پارٽي قائم ڪئي تہ قاضي محمد بخش ڌامراھہ اُن ۾ شامل ٿيو. پيپلزپارٽي ضلعي نوابشاھہ جو سينيئر نائب صدر ۽ پوءِ صدر چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي 1987ع تائين رهيو. ان کان سواءِ ايم. آر. ڊي تحريڪ ضلعي نوابشاھہ جو صدر بہ رهيو. قاضي محمد بخش ڌامراھہ، پيپلز پارٽيءَ جو اهم اڳواڻ هوندي بہ دلي طرح قومپرست هو. جي. ايم. سيد، قاضي فيض محمد ۽ سيد امداد محمد شاھہ سان گهرا تعلقات هيس. 1972ع ۾ ٻوليءَ وارن فسادن دوران نوابشاھہ، سڪرنڊ ۽ موري ۾ جي. ايم. سيد جي جلسن ۾ تقريرون ڪرڻ تي کيس گرفتار ڪري سينٽرل جيل سکر ۾ قيد ڪيو ويو، ان وقت جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي کيس عيد جي ڏينهن جيل مان آزاد ڪرائي لاڙڪاڻي ۾ المرتضيٰ هائوس ۾ پاڻ وٽ گهرايو تہ هن ڀُٽي صاحب کي چيو تہ منهنجن ٻين ساٿين کي بہ مون وانگر آزاد ڪيو وڃي، نہ تہ مون کي ٻيهر جيل موڪليو وڃي. ان مسئلي تي هن 1977ع ۾ عام چونڊن کان اڳ سکر ڊويزن جي پ پ ڪنوينشن ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ پيپلز پارٽيءَ تي سخت تنقيد ڪئي. جڏهن پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت برطرف ڪئي وئي ۽ مارشل لا لڳائي وئي تہ هن کي بہ گرفتار ڪيو ويو ۽ ٻيهر 1983ع ۾ ايم. آر. ڊي جي هلچل دوران ٺٽي مان گرفتار ٿيو. هن 18 فيبروري 2000ع تي وفات ڪئي.کيس ٻہ پٽ ممتاز علي ڌامراھہ، امداد علي ڌامراھہ ۽ چار نياڻيون آهن.
2000.02.18 عيسوي
قاضي محمد بخش ڌامراھ 18 فيبروري 2000ع تي وفات ڪئي.