فقير شير خان جتوئي شائق: مشھور بزرگ، شاعر فقير شير خان جتوئي ولد فقير سلطان خان جتوئيءَ جو جنم 1863ع ڌاري ڳوٺ عالي کٻڙ، تعلقي وارھہ، ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي. جوانيءَ ۾ پوليس کاتي ۾ ڀرتي ٿيو. ملازمت ۾ رهڻ دوران ستت ئي سچل سرمست جي درگاھہ جو مريد ٿيو ۽ ملازمت ڇڏي درگاھہ جي فقيري اختيار ڪيائين. فقير شير خان حڪمت ۾ بہ سٺي ڄاڻ جو مالڪ هو. شاعريءَ ۾ ’شائق‘ تخلص اختيار ڪيائين. سندس سمورو ڪلام صوفياڻي رنگ ۾ رچيل آهي. هن سنڌيءَ کان علاوہ سرائڪيءَ ۾ بہ شاعري ڪئي. نامور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سندس هٿ اکر بياض کڻائي پاڻ وٽ محفوظ رکيو، جنهن ۾ سنڌي ۽ سرائڪيءَ جون 382 ڪافيون شامل هيون. ان کان علاوہ شير خان جو ٻيو هٿ اکر بياض محقق امير قريشي وٽ پيل آهي، جنهن ۾ 155 ڪافيون شامل آهن. هن صوفي شاعر، 90 ورهين جي ڄمار ۾ 1373ھہ/1953ع ۾ وفات ڪئي.