ڀٽي، فقير عبدالغني ’اياز‘

ڀٽي، فقير عبدالغني ’اياز‘

فقيرعبدالغني ڀٽي اياز

فقيرعبدالغني ڀٽي اياز: نامياري شاعر ۽ راڳي فقير عبدالغني’اياز‘ ولد آخوند مولوي عبدالرحمان عرف فقير محمد محسن ڀٽيءَ ضلعي شڪارپور ۽ تعلقي ڳڙهي ياسين جي ڳوٺ نبي آباد ’کٿي ڪلهوڙا‘ ۾17 فيبروري 1954ع تي جنم ورتو. سندس والد هڪ عالم دين ۽ بزرگ شخصيت جو مالڪ هو، جيڪو عبدالغنيِءَ جي پيدائش کان ٽي مهينا اڳ شھيد ٿي ويو. سنڌ جو ناميارو عالم، اديب، محقق ۽ صحافي مولانا دين محمد وفائي سندس والد مولوي فقير محمد محسن جو رشتي ۾ چاچو ۽ عبدالغنيءَ جي ڏاڏي خليفي آخوند مير محمد جو ننڍو ڀاءُ هو. پرائمري تعليم دوران عبدالغنيءَ کي ساڳئي ڳوٺ ۾ واقع ’مدرسہ الاهل حديث‘ ۾ ويهاريو ويو، جتي هن قرآن پاڪ جي تعليم توڙي عربي ٻوليءَ جي ڄاڻ سان گڏ قرآن پاڪ جا ڪجهه سيپارہ حفظ ڪري ورتا. جنهن کانپوءِ پاڻ 1971ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مدئجيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ اڳتي هلي ايم. اي، بي. ايڊ توڙي ايم. ايڊ جون ڊگريون حاصل ڪيائين. فقير عبدالغنيءَ پنھنجي پرائمريءَ جي هڪ استاد صوفي نورمحمد ڀٽي (جيڪو سچل سرمست جي درگاھہ جو طالب هو) جي صحبت مان ڪافي پرايو. سندس اوطاق تي صوفياڻيون محفلون اڪثر ٿينديون رهنديون هيون، جتي ڪڏهن ڪڏهن انهن ويراڳي فقيرن سان گڏجي تہ ڪڏهن اڪيلي سر صوفياڻي انداز ۾ ڪافي يا ڪلام ڳائيندو هو، هي 1970ع جو زمانو هو، جڏهن عبدالغني نائين ڪلاس جو شاگرد هو ۽ اهڙي ئي ماحول ۾ هن شاعريءَ جي شروعات بہ ڪئي. 1978ع ۾ ضلعي شڪارپور جي مشھور صوفي درويش داتا فيض درياھہ جي درگاھہ جي گادي ڌڻي داتا سائين بگن شاھہ جيلانيءَ جو دست بيعت ٿيو، مرشد ان وقت سندس طريقت جو نالو ’اياز‘ رکيو، جيڪو اڄ تائين نالي جو حصو بڻيل آهي. فقير عبدالغني اياز ڀٽي اڄ تائين ساڳي درگاھہ سان وابستہ آهي.
فقير عبدالغني ميرپور خاص ۾ گورنمينٽ ٽرانسپورٽر جي نوڪريءَ سان عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. راڳ جي ميدان ۾ هن هند توڙي سنڌ جي مهان ڪلاڪار ماسٽر چندر جي ڏس ۽ گس تي هلندي سندس طريقو اپنايو، کيس چندر جا ڳايل تقريباً سڀئي ڪلام بر زبان ياد آهن. عبدالغني اياز ڀٽيءَ ماسٽر چندر جي ڪلامن سان گڏ شاھہ لطيف، سچل سرمست، سيد داتا ولايت شاھہ، سيد بگن شاھہ، صوفي وريل فقير، صوفي غمدل فقير، جا ڪلام ڳايا آهن. جديد شاعرن مان استاد بخاري، شيخ اياز، مقصود گل، ’ناظم‘ چانڊيي جي شاعري ڳائي آهي. شيخ اياز جي شاعريءَ جو هڪ البم پڻ جاري ٿيل اٿس. سندس ڳايل ڪلام ريڊيو پاڪستان جي ڪيترين اسٽيشنن تان نشر ٿي چڪا آهن، پي. ٽي. وي ڪراچيءَ جي سنڌي پروگرامن ۾ بہ شرڪت ڪري چڪو آهي. آڪٽوبر 2002ع ۾ جڏهن ڪي. ٽي. اين پنھنجي ٽيسٽ ٽرانميشن جي شروعات ڪئي، تڏهن ذوالفقار علي، مظهر حسين، عبدالغني اياز ڀٽي ۽ شھنيلا علي جي هڪ گڏيل محفل رڪارڊ ڪئي وئي ۽ ڪي. ٽي. اين جي شروعاتي نشريات ۾ اهي ڪثرت سان نشر ٿيندا هئا. عبدالغني اياز ڀٽي شاعر ۽ مرتب جي حيثيت سان ڪيترا ڪتاب ترتيب ڏنا آهن، جن ۾ ’ٽانڊا گل غبار‘ (شاعري)، ’عشق ڪيو آباد‘ (سندس مرشد داتا بگن شاھہ جي شاعري/ترتيب)، ’عاشقن اندوھہ‘ (شاعري) شامل آهن، ان کان سواءِ فقير عبدالغنيءَ اشاعتي حوالي سان 1980ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ پنھنجي مرشد جي نالي سان هڪ اشاعتي اداري ’داتا بگن شاھہ اڪيڊمي‘ جو قيام عمل ۾ آندو، جنهن پاران تصوف جي موضوع تي ڇپايل ڪتابن ’ديس ۽ ويس‘ (غلام حيدر گجر جا گفتا: 1984ع)، ’قلندري خطاب‘ (داتا فيض درياه جو ڪلام:2002ع)، ’ڍولا ماهي‘ (داتا ولايت علي شاھہ جو سرائيڪي ڪلام: 2004ع)، ’فقير راضي، راضي‘ (علامہ تارڪ نجفيءَ جون چونڊ ڪافيون: 2005ع) ۽ ٻيا ڪجهه ڪتاب شامل آهن، ماهوار رسالي ’مومل سنڌ‘ جو ايڊيٽر پڻ آهي ۽ گورنمينٽ ايليمنٽري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ميوزڪ ٽيچر طور ذميواريون نڀائي رهيو آهي، سنڌي ادبي سنگت شاخ مدئجي ۽ آرٽ ڪائونسل لاڙڪاڻي جو ميمبر آهي. هر سال ذوالقعد مهيني ۾ بن منصور حلاج'>حسين بن منصور حلاج جي عرس جي موقعي تي لاڙڪاڻي شھر ۾ ادبي ڪانفرنس ۽ راڳ ويراڳ جي محفل منعقد ڪرائيندو رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.02.17  عيسوي

ڀٽي، فقير عبدالغني ’اياز‘ تعلقي ڳڙهي ياسين جي ڳوٺ نبي آباد ’کٿي ڪلهوڙا‘ ۾17 فيبروري 1954ع تي جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آزاد صوفي2
سيد اصغر علي شاھہ عاجز
تراب بروهي
غلام مهدي قاضي
راشدي زمان شاھہ
خانڻ چنجڻي
فقير نواب ولي محمد خان لغاري
سليم بچاڻي
ڪامران جيلاني
سحر امداد حُسيني ڊاڪٽر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون