فتح علي جتوئي

فتح علي جتوئي : مـولانـا فتـح عـلـي جتـوئـي وڏو عـالــم ۽ پنھنجي وقت جو سرگرم سياسي ورڪر هو. سندس والد خير محمد جتوئي هو. هن 1868ع ڌاري ڳوٺ شاھہ يقيق تعلقي شاهبندر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنھنجي ناني علامہ حاجي عبدالله جتوئيءَ کان حاصل ڪيائين ۽ پوءِ مولانا عبدالرحيم ٺٽويءَ جي مدرسي ۾ پڙهيو. فارغ التحصيل ٿيڻ بعد درس ۽ تدريس جو ڪم ڪرڻ لڳو. فتويٰ نويسي ۽ قوت فيصلي جي ڪري هو لاڙپٽ ۾ گهڻو مشھور ٿيو ۽ سڄي عمر فيصلا ڪرڻ ۾ گذاريائين، کيس حج جي سعادت بہ نصيب ٿي، هن ’خلافت تحريڪ‘ ۽ ’ريشمي رومال تحريڪ‘ ۾ ڀرپور حصو ورتو. عالمن سان گڏ لاتعداد جلسن کي خطاب ڪيائين. مولانا صاحب ضلعي ڪراچيءَ لاءِ جميعت علماءِ جو صدر مقرر ٿيو ۽ ’ترڪ موالات‘ تحريڪ وقت اسلامي عدالت، تعلقي شاهبندر جو جج مقرر ٿيو، جنهنڪري مولانا صاحب ۽ سندس ساٿين خلاف باقاعدي خفيہ فائيل رکيو ويو. مولانا صاحب 1943ع ڌاري فيصلي جي انڪار ڪندڙن لاءِ نيڪاليءَ جي فتوا جاري ڪئي. مولانا پڪو عاشق ۽ اهل سنت جو وڏو عالم هو. هن 1959ع ڌاري وفات ڪئي، کيس ديھہ لکيءَ ۾ جتوئين جي ڳوٺ ڀرسان قبرستان ۾ دفنايو ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1868.00.00  عيسوي

مـولانـا فتـح عـلـي جتـوئـي 1868ع ڌاري ڳوٺ شاهه يقيق تعلقي شاهبندر ۾ جنم ورتو .


1959.00.00  عيسوي

مـولانـا فتـح عـلـي جتـوئـي 1959ع ڌاري وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد مير علي هراتي
الاهي بخش ٻانڀڻ
شير بخشو
بطليموس
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
ڏَيو ڏنارام
ثانيہ مرزا
جان محمد جانڻ منگي
سڪندر عباسي
التتمش
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون