غلام نبي ميمڻ: نامور وڪيل ۽ سياستدان غلام نبي ميمڻ حيدرآباد جو رهاڪو هو. هن سياسي زندگيءَ جو آغاز 1970ع ڌاري ان وقت ڪيو، جڏهن کيس سياسي وڪيل چونڊيو ويو ۽ هن ڪيترن ئي اهم معاملن ۾ حصو ورتو. غلام نبي 25 جون 1960ع کان 22 جولاءِ 1962ع تائين ميونسپل حيدرآباد جو وائيس چيئرمين رهيو. هن ايوب خان جي ڪابينا ۾ قانون جو وزير بڻجڻ کانپوءِ وارڊ جي چيئرمئن شپ ۽ ميونسپل جي وائيس چيئرمئن شپ تان استعيفا ڏئي ڇڏي. هي 1975ع ڌاري ذوالفقار علي ڀُٽي جو خاص صلاحڪار مقرر ٿيو. بلوچستان ۾ بلوچن جڏهن ذوالفقار علي ڀُٽي جي مخالفت ڪئي تہ غلام نبي ميمڻ، ڀُٽي صاحب جو سرڪاري وڪيل ٿيو. سازش ڪيس جي سرڪاري وڪيل جي حيثيت سان خدمتون انجام ڏنيون.
غلام نبي ميمڻ 19 ڊسمبر 1987ع تي وفات ڪئي. سندس پٽ نور نبي ميمڻ بہ نامور وڪيل آهي.