علي محمد شيخ

علي محمد شيخ

علي محمد شيخ

علي محمد شيخ : علي محمد شيخ، 15 فبروري 1925ع تي شيخ محمد خان جي گهر ۾ جنم ورتو، جيڪو ڳوٺ شيخ حافظ موري منگر جو زميندار ھو. شيخ صاحب ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪئي ۽ پوءِ ميٽرڪ تائين حيدرآباد جي نور محمد ھاءِ اسڪول ۾ پڙھيو. ھن انٽرميڊئيٽ سٽي آرٽس ڪاليج مان ڪئي جڏھن تہ جناح لا ڪاليج مان ايل ايل بي جو امتحان پاس ڪيائين. ڪجهه وقت ٽپال کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ کانپوءِ شيخ علي محمد صحافت ڏانھن لاڙو ڪيو ۽ عبدالشڪور منشيءَ جي اخبار ‘ھلالِ پاڪستان’ ۾ نيوز ايڊيٽر طور وڃي لڳو، جنھن جي آفيس تڏھن موجودہ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سوسائٽي نمبر-1 حيدرآباد جي سامھون ھوندي ھئي. ان کانپوءِ حاجي نجم الدين سريوال جي اخبار ‘ڪاروان’ جو ايڊيٽر ٿيو، جنھن جي آفيس شاھي بازار ۾ ھئي. شيخ صاحب نامياري صحافي مولوي خير محمد نظاماڻيءَ جي شاگرديءَ ۾ بيباڪيءَ سان ڪم ڪيو ۽ سنڌي صحافت ۾ پنھنجو نالو پيدا ڪيو. 1965ع ۾ جڏھن عبرت روزاني اخبار ٿي نڪتي تہ کيس ان جو پھريون ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. 1969ع ۾ جڏھن پيپلز پارٽيءَ کي اخبار جي ضرورت محسوس ٿي تہ ذوالفقار علي ڀُٽي ‘ھلال پاڪستاناخبار خريد ڪئي ۽ 22 مارچ تي شيخ علي محمد کي ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيائين. 1972ع ۾ ھلالِ پاڪستان ڪراچيءَ منتقل ٿي تہ شيخ صاحب پنھنجي اخبار جي تياري شروع ڪئي ۽ 23 مارچ 1974ع تي ‘روزاني آفتاب’ اخبار جاري ڪئي، جنھن جي آفيس حيدرآباد ۾ گول بلڊنگ ڀرسان ھئي. 1977ع ۾ مجلسِ شُورى ۾ کيس ميمبر طور کنيو ويو ۽ 1985ع ۾ سينيٽ جو ميمبر ٿيو. پاڻ حيدرآباد پريس ڪلب جي باني ميمبرن مان ھو. ان وقت فقط 30 صحافي ڪلب جا ميمبر ھئا. شيخ علي محمد 21 جنوري 1991ع تي وفات ڪري ويو. کيس سندس ئي ڳوٺ ۾ هاءِ اسڪول جي احاطي اندر سپردِ خاڪ ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.02.15  عيسوي

علي محمد شيخ، 15 فبروري 1925ع تي شيخ محمد خان جي گھر ۾ جنم ورتو.


1974.03.23  عيسوي

علي محمد شيخ 23 مارچ 1974ع تي ‘روزاني آفتاب’ اخبار جاري ڪئي، جنھن جي آفيس حيدرآباد ۾ گول بلڊنگ ڀرسان ھئي.


1991.01.21  عيسوي

علي محمد شيخ 21 جنوري 1991ع تي وفات ڪري ويو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اشفاق آذر
حميد هارون
طارق قريشي
خير محمد نظاماڻي
رڪ سنڌي
علي قاضي
اعجاز منگي
برڪاتي مسعود احمد
غازي صلاح الدين
خاصخيلي جان
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون