ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ

ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ

عبدالوحيد انڍڙ ڊاڪٽر

عبدالوحيد انڍڙ، ڊاڪٽر: تعليمدان، محقق ۽ اديب، ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ، 1 مئي 1963ع تي هاليجي شريف تعلقي پني عاقل، ضلعي سکر ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم. اي عربي؛ ايم.اي اسلامڪ ڪلچر (پهرين پوزيشن) فاضل عربي۽ فاضل اردو( پهرين پوزيشن) ايل. ايل. بي؛ ايم. ايڊ ۽ پي ايڇ. ڊي آهي. هن، علامہ غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي نگراني ۾ ”مظھر العلوم کڏي- ڪراچيءَ جون ديني ۽ سياسي خدمتون“ عنوان تي تحقيقي مقالو لکي 1998ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي سَنَدَ حاصل ڪئي. ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ پهريان پاڪستان آرميءَ ۾ ايجوڪيشن آفيسر طور 7 سال خدمتون انجام ڏنيون. 1993ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان کانپوءِ ليڪچرر، اسسٽنٽ پروفيسر ۽ ائسوسيئيٽ پروفيسر ٿي رهيو. ٽيچرز ٽريننگ انسٽيٽيوٽ، حيدرآباد جو ٻہ سال ايڊيشنل ڊائريڪٽر بہ رهيو. گورنمينٽ ماڊل ديني مدرسہ بوائز سکر جو 5 سال پرنسپال، ايليمينٽري ڪاليج ايڊيوڪيشن (مين) سکر جو 7 سال پرنسپال رهيو. هن ڊائريڪٽر پرائمري ۽ هاير سيڪنڊري اسڪولز (سکر ريجن) طور پڻ بھترين خدمتون انجام ڏنيون. پاڻ تاريخ ۽ تحقيق جي شعبن سان دلچسپي رکي ٿو، سکر هسٽاريڪل سوسائٽيءَ سان وابستہ رهندي هن ڪافي تحقيقي مواد گڏ ڪيو. سندس ڇيپل ڪتابن ۾: ”سکر ڏسڻي“، ”سکر- تاريخ و تمدن“ (اردو)، ”ملفوظات مالڪان المعروف گنجينئه عرفان“ (فارسي مان سنڌي ۽ اردو ترجمو)، ”گهوٽڪي تاريخ، ثقافت“، ”ديوان منھاج الحقيقت“ (فارسي مان سنڌي ترجمو)، ”انڍڙ قبليه: تاريخي تناظر ۾“ (اردو)، ”خطبات جتوئي“، ”ارشاد الحق“ (اردو) ”حيات حضرت هاليجوي“ ايم.اي اسلامي ڪلچر لاءِ اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ڪتاب، ”ڊگري ڪلاسن لاءِ اسلاميات“ (لازمي: انگريزي- اردو- سنڌي). ان کانسواءِ تدريسي شعبن ۾ بي. اي ۽ ايم. اي (پريويس، فائنل) اسلاميات جا درسي ڪتاب پڻ تيار ڪيا اٿس. سندس ٻيا تحقيقي مضمون جھڙوڪ: حضور اڪرم صلي ﷲ عليہ وسلم جي سيرت طيبه، سنڌ جي اسلامي عظمت، رسول اڪرم صلي ﷲ عليہ وسلم ڪي سيرت ڪي چند پھلو، اسلام ڪا اخلاقي نظام، مدرسہ مظھر العلوم ڪراچي جي ديني ۽ سياسي خدمتن جو جائزو، بيدل جي شاعريءَ ۾ قرآني آيات، قرآن مجيد اور سائنس سميت ٻيا بہ سوين تحقيقي مضمون مختلف مخزنن ۾ شايع ٿيل آهن. سندس رهنمائيءَ ۾ 35 کان مٿي شاگردن ايم. فِل ۽ پي ايڇ. ڊي جي سَنَد حاصل ڪئي آهي. کيس، تعليمي ميدان ۾ نمايان خدمتن عيوض مختلف ادارن پاران اوارڊ، شيلڊون، سرٽيفڪيٽ ۽ گولڊ ميڊل مليا آهن. هن وقت وفاقي محتسب حيدرآباد ريجن ۾ ايسوسيئيٽ ايڊوائزر گريڊ 20 طور خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.05.01  عيسوي

استاد، محقق ۽ اديب ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ، 1 مئي 1963ع تي هاليجيءَ ڀرسان ڳوٺ ميل انڍڙ، تعلقي پني عاقل، ضلعي سکر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بودلو سميجو
جاويد شاھہ جيلاني
پير آغا عبدالله جان سرهندي
پيرل شاھہ بخاري
چانڊيو خادم حسين
دوستو وسڪي
الياس
حسني قادري حاجي شاھہ جيلاني
ايشوري جوتواڻي 2
قيصر خان نظاماڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون