عبدالله جروار

عبدالله جروار

عبدالله جروار

عبدالله جروار: استاد ۽ ليکڪ عبدالله ولد حاجي عُمر جروار 2 آگسٽ 1959ع تي ڳوٺ صاحب خان جراور تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الھيار ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم. اي (سياسيات)، پي. ٽي. سي (ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد)، بي. ايڊ (علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي) ۽ ايم. ايڊ (زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام) آهي. 1982ع کان تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور ملازمت ڪئي ۽ 1 آگسٽ 2019ع تي هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر طور رٽائرڊ ٿيو. ضلعي انتظاميا ٽنڊوالھيار ۽ ڊائريڪٽر اسڪول ايڊيوڪيشن حيدرآباد پاران کيس 2 ڀيرا بھترين استاد جو سرٽيفڪيٽ ۽ ڪارڪردگي ايوارڊ ملي چڪا آهن. هن لکڻ جي شروعات رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ، پروفيسر مٺل جسڪاڻي، فتح محمد شھزاد ٿيٻي، مير اعظم علي ٽالپر ۽ مشتاق بخاريءَ جي همت افزائيءَ سان ڪئي. سندس لکڻيون روزاني ’آجيان‘، روزاني ’عبرت‘ ۽ ’هلال پاڪستان‘ ۾ شايع ٿينديون رهيون آهن. ان کان علاوہ پاڻ ريڊيو پاڪستان جو بھترين ٻڌندڙ رهيو آهي. بھترين چونڊ وسيلي هي سنڌ جي ڪلاسيڪل فنڪارن جي ڪلامن کي مخصوص ايڊٽنگ وسيلي، پنھنجي يوٽيوب چئنل تي محفوظ ڪري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.08.02  عيسوي

استاد ۽ ليکڪ عبدالله ولد حاجي عُمر جروار 2 آگسٽ 1959ع تي ڳوٺ صاحب خان جراور تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الھيار ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديوان ليلارام وطڻ مل خاڪي
حڪيم محمد صادق مورائي قاضي
جھان خان کوسو مسڪين
ٻاٻيهو
غلام مصطفيٰ کهڙو ڊاڪٽر
سيد عالم شاھہ
سر رابرٽ فرانسِس مُودي
عالم شاھہ بخاري
سيد حاجي مھر علي شاھہ
ڇٽو فقير ڪوريجو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون