مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

طالب الموليٰ مخدوم محمد زمان

طالب الموليٰ مخدوم محمد زمان: سنڌ جو نامور شاعر، اديب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ولد مخدوم غلام محمد، 9 محرم 1338ھہ/ 4 آڪٽوبر 1919ع تي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان جو سلسلو حضرت صديق رضہ'>ابوبڪر صديق رضہ سان ملي ٿو. مخدوم طالب الموليٰ درگاھہ مخدوم نوح سرور جو 17هون سجادہ نشين ٿي گذريو آهي. پاڻ ابتدائي تعليم درگاھہ مخدوم نوح سروررح جي خادم ۽ عالم حافظ مولانا ولي محمد کان قرآن پاڪ پڙهڻ سان ڪئي. سنڌيءَ جي تعليم ماستر حاجي عبدالغفور وڪيلاڻي ۽ آخوند عبدالرحمان انجم وٽ پڙهيائين. فارسي مولوي عبدالحي ٺيڙهي واري ۽ مولوي محمد عالم وٽ پڙهيو. ان بعد ٻہ سال پنھنجي والد بزرگوار جي تربيت هيٺ رهيو. جڏهن تہ مولوي محمد عالم ۽ سينڌي خان ’صيد‘ وٽ خوشخطيءَ ۾ ڪمال حاصل ڪيائين، جنهن وقت سندس والد سجادہ نشين ٿيو تڏهن سندس عمر ارڙهن سال هئي ۽ انهيءَ ئي عمر ۾ اچ شريف لڳ ٽنڊي باگي جي پير محمد صديق صديقي قريشيءَ جي نياڻي سان سندس پهرين شادي ٿي. اهي پير بہ قريشي صديقي مخدوم نوح رحمة جي ٻي اولاد مان آهن. جنهن مان کيس هڪ فرزند مخدوم امين فھيم ڄائو. افسوس جو سندس اها گهرواري ٽن سالن ۽ پنجن مهينن جي رفاقت کانپوءِ 24 نومبر 1940ع تي گذاري ويئي. سندس ٻي شادي 7 ڊسمبر 1942ع تي حيدرآباد شھر جي مشھور عالم دين مولانا فضل احمد غزنويءَ جي نياڻيءَ سان ٿي. مخدوم صاحب کي باقي اولاد ٻي گهرواريءَ مان ٿيو. سندس والد مخدوم غلام محمد 30 ذوالحج 1363ھہ/ڊسمبر 1944ع تي وفات ڪئي. ان بعد طالب الموليٰ سجادہ نشين ٿيو. تنهن وقت سندس ڄمار پنجويھہ سال هئي. سندس ڪاروبار چاچو مولوي علامہ حيدر سنڀاليندو هو، جنهن 27 رمضان 1372ھہ/ جون 1953ع ۾ وفات ڪئي، جنهن بعد هن عملي زندگي جي شروعات ڪاروبار سنڀالڻ کان ڪئي. هن کي شاعري، ادب ۽ راڳ سان لڳاءُ ننڍپڻ کان ئي هو. 1930ع ۾ يارهن سالن جي ڄمار ۾ ناري جي گشت دوران سروري درگاھہ جي مشھور بزرگ منٺار فقير راڄڙ سان رهاڻ ڪيائين، جيڪو روز صبح جو هڪ نئون ’ڏهر‘ ٺاهي کيس ٻڌائيندو هو، جتان هن کي شاعريءَ جو شوق جاڳيو. پهرين ‘بيوس’ پوءِ فيراقي، زمان شاھہ ۽ بعد ۾ ‘طالب’ تخلص رکيائين، جڏهن تہ 1949ع ۾ طالب الموليٰ تخلص رکيائين. 1936ع ڌاري هن هالن ۾ ‘انجمن علم و ادب ’ جو بنياد رکيو، جنهن جي سهاري هيٺ ڪيتريون ئي ادبي ڪانفرنسون منعقد ٿيون. پاڻ راڳ جي معلومات 1937ع ۾ استاد سينڌي خان گويي کان ورتائين. پاڻ هالن ۾ ‘الزمان’ پريس قائم ڪيائين ۽ هفتيوار سنڌي اخبارون ‘پاسبان’ ۽ ‘الزمان’ ڪيترو ئي عرصو نڪرنديون رهيون. 1946ع ۾ سنڌي شاعرن جي جماعت ’جميعت الشعراءَ‘ جي نالي سان قائم ڪيائين، جنهن 1950ع ۾ حيدرآباد ڪانفرنس جي موقعي تي مخدوم صاحب کي ‘محبوب الشعراءَ’ جو لقب ڏنو. پر پاڻ ڪڏهن بہ اهو لقب استعمال نہ ڪيائين. ساڳي سال هالن مان سندس سرپرستي هيٺ هڪ ماهوار ادبي رسالو ‘فردوس’ جاري ٿيو. 1952ع ۾ ماستر جمعي خان ‘غريب’ سيتا شھر مان ماهوار سنڌي رسالو ’طالب الموليٰ سندس سرپرستي هيٺ جاري ڪيو ۽ انهيءَ ئي سال پاڻ جيڪب آباد ڪانفرنس ۾ ‘جميعت الشعراءَ’ جو سرپرست چونڊيو ويو. هن 1954ع ڌاري ‘ادارہ روح ادب سنڌ’ جو بنياد رکيو، جنهن جي پليٽ فارم تان فيبروري 1955ع ۾ هالن جي شھر ۾ راڳ جي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي ۽ ماهوار رسالو ‘روح ادبجاري ٿيو. نومبر 1955ع ۾ حيدرآباد ۾ ‘بزم طالب الموليٰ’ جو پايو پيو، جنهن جو پاڻ سرپرست اعلى هو. هن بزم جو ڪم سنڌي ادب جي سنڀال ۽ واڌارو هو. هن بزم اڳتي هلي آل سنڌ تحريڪ جي شڪل اختيار ڪئي بعد ۾ انهيءَ بزم جي سهاري هيٺ خواجہ محمد عيسيٰ ‘مست’ سروري بٺوري واري جي اهتمام هيٺ ‘لاڙ سنڌي ادبي ڪانفرنس’ جو بنياد پيو، جيڪا هر سال منعقد ڪئي وڃي ٿي. 1956ع کان حيدرآباد مان هڪ رسالو ‘شاعر’ نالي هيٺ سندس سرپرستي هيٺ نڪرندو هو، جڏهن 1957ع ۾ گهوٽڪيءَ ڪانفرنس ۾ کيس ‘جمعيت الشعراءَ’ جو سرپرست سان گڏ صدر پڻ چونڊيو ويو ۽ هي ون يونٽ ٺھڻ کان اڳ ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر پڻ هو.
مخدوم طالب الموليٰ سنڌ جي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سياسي حوالي سان سڃاتي ويندڙ گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. هي ساڳي وقت شاعر، نثر نويس، محقق، لسانيات جو ماهر، راڳ جو ڄاڻو ۽ هڪ اعلى انسان هو. جڏهن مارچ 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو بنياد پيو تہ پاڻ ان وقت بورڊ جو ميمبر هو. نومبر 1955ع کان پاڻ شاھہ لطيف يادگار ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿيو ۽ نئين جوڙجڪ هيٺ جيڪا ’يادگار ڪائونسل‘ ٺاهي وئي ان جو پاڻ نائب صدر چونڊيو ويو. هي چاليھہ واري ڏهاڪي کان وٺي 1960ع تائين چار ڀيرا ميونسپل ڪميٽيءَ هالا جو چيئرمين ۽ 1960ع بلديہ هالا جو پهريون چيئرمئن منتخب ٿيو. پاڻ پهريون ڀيرو جنرل ايوب خان واري دؤر ۽ ٻيو ڀيرو ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو، پاڻ 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ رهيو. 1969ع کان پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ کيس ان جو سينيئر وائيس چيئرمئن مقرر ڪيو ويو ۽ پاڻ تاحيات ان عهدي تي رهيو ۽ پارٽيءَ جو پهريون ڪنوينشن سندن ئي ميزبانيءَ هيٺ هالا ۾ ٿيو هو. مخدوم صاحب جو ون يونٽ ٽوڙائڻ ۾ ۽ 1983ع ۾ ايم. آر. ڊي جي تحريڪ ۾ بہ اهم ڪردار رهيو.
سندس علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سياسي خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان پاران کيس ’تمغه پاڪستان‘ ۽ ’هلال امتياز‘ ڏنا ويا، جڏهن تہ ٻين اعزازن سان گڏ کيس شاھہ لطيف اوارڊ 1961ع ۾ پڻ ڏنو ويو. طالب الموليٰ شاعري جي صنف ۾ غزل ۽ ڪافي ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. فن ۽ فڪر جي حوالي سان سندس غزل ۽ ڪافيون پنهنجو مٽ پاڻ آهن ۽ سندس شاعري سنڌ، پنجاب ۽ هندوستان جي نامور فنڪارن ڳايو آهي. سندس ڇپيل تصنيفن جو وچور هيٺين ريت آهي: (1)بھار طالب (شاعري: 1946ع)، (2) رباعيات طالب (شاعري: 1949ع)، (3) اسلامي تصوف (مرتب: 1951ع)، (4) شيطان (1951ع)، (5) خود شناسي (ترجمو: 1952ع)، (6) غزالي جا خط'>امام غزالي جا خط (1953ع)، (7) ياد رفتگان (مرتب: 1953ع ۽ 1994ع ۾ وڌايل ڇاپو)، (8) مثنوي عقل وَ عشق
(1955ع ۽ 1983ع)، (9) ڪچڪول (اردو، سنڌي، سرائيڪي ۽ فارسي شاعري: 1955ع)، (10) ڪافي (تحقيق: 1962ع)، (11) شانِ سروري (شاعري: 1958ع)، (12) بي پير اکيون (شاعري: 1987ع)، (13) سنڌ جو سانوڻ (مثنوي: 1982ع)، (14) ديوان طالب الموليٰ (1982ع)، (15) آءٌ ڪانگا ڪر ڳالھہ (1982ع)، (16) شام وَ صبح (1982ع)، (17) ڇپر ۾ ڇڙيون (شاعري: 1971ع)، (18) مصري جون تڙون (ملفوظات: 1990ع)، (19) سدا وسين سنڌڙي (شاعري: 1990ع)، (20) آب حيات (بيت- ڪافيون: 1990ع)، (21) چهنڊڙيون (شاعري: 1992ع)، (22) منهنجو ننڍپڻ (يادگيريون: 1993ع)، (23) مضامين طالب الموليٰ (علمي ۽ ادبي مضمون: 1994ع)، (24) بھار ستان (شاعري: 1994ع)، (25) لغات سنڌي مخففات (1991ع)، (26) شان حسين (2004ع)، (27) انتخاب ڪلام طالب الموليٰ (1993ع) وغيرہ. مخدوم صاحب جي ملفوظات تي مشتمل ڪتاب ‘مصريءَ جون تڙون’ جو انگريزي ترجمو Pieces of Suger Candy جي نالي سان ڊاڪٽر حبيب صديقيءَ ڪيو، جيڪو 1997ع ۾ شايع ٿيو. مخدوم صاحب پنھنجي ‘ديوان طالب الموليٰ’ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي روايتي 52 اکرن بدران 58 اکرن جي ترتيب سان رديف رکيا، جن ۾ پاڻ لھہ، مھہ، تنوين، م غنه، نھہ ۽ ڻھہ جا ڇھہ اکر وڌايا آهن، جن جي واڌاري بابت پاڻ ديوان جي مهاڳ ۾ تفصيل سان دليل ڏنا اٿس.
مخدوم طالب الموليٰ، 11 جنوري 1993ع تي وفات ڪئي ۽ کيس هالا ۾ مخدوم نوح رحه جي درگاھہ ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1919.10.04  عيسوي

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ولد مخدوم غلام محمد، 9 محرم 1338هه/ 4 آڪٽوبر 1919ع تي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ پيدا ٿيو.


1993.01.11  عيسوي

مخدوم طالب الموليٰ، 11 جنوري 1993ع تي وفات ڪئي ۽ کيس هالا ۾ مخدوم نوح رحه جي درگاهه ۾ دفنايو ويو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پرسرام ارجن داس ڪمل
علي محمد شاھہ عاجز
ڇتن شاھہ سيد
مير رضي الدين فدائي سبزواري
غلام حسين مير چانڊيو
بلوچ صحبت علي
امداد علي سھتو
برڪت بلوچ
ڀائي ڌرمداس
شفيع محمد ٻگهيو استاد
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون